موهن جو دڙو رپورٽ: سمير سومرو
ڏوڪريءَ ويجهو ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جي 29 وهين والدين جي تقريب ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندرڙ شاگردن انعام ڏنا ويا آهن، ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جو 29 هين والدين جي تقريب ڪيڊٽ ڪاليج جي شهيد بينظير اسٽيڊيم ۾ ڪئي وئي جنهن ۾ پنو عاقل ڪئنٽ جي جِي او سِي ميجر جنرل غلام شبیر ناريجو مک مهمان طور شرڪت ڪئي۔
تقريب جي شروعات ۾ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگردن پريڊ ڪئي ۽ جمناسٽڪ ۽ ڪراٽي جا ڪرتب ڏيکاري داد حاصل ڪيو، ان موقعي تي ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جي پرنسپال برگيڊيئر رٽائرڊ غلام رضا تقريب کي آجياڻو ڏيندي ڳالهايو ته ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو 29 ورهين کان مسلسل ملڪ جي نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي جڏهن ته ڪاليج جي استادن ۽ ٻئي اسٽاف جي محنتن سان هتان پڙهي نڪرندڙ شاگردن پاڪ آرمي ۽ ملڪ جي ٻين ادارن ۾ بهتر خدمتون ڏئي رهيا آهن۔
ان موقعي تي تقريب جي مک مهمان مجير جنرل غلام شبیر ناريجو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ان حقيقت کان ڪڏهن به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته تعليم ۽ سماجي ترقيءَ جو راز آهي، استادن جي مٿان فرض لاڳو ٿئي ٿو ته اهي شاگردن ۾ تعليم جو ڏيئو ٻارڻ سان گڏ هنن اندر هڪ بهتر انسان ٿيڻ جي تربيت پڻ ڏين، ان موقعي تي تقريب جي مک مهمان ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۾ انعام ورهايا۔