سنڌ جي ثقافت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ميڊيا سميت 29 ماڻهن جي وفد جي موهن جو دڙو تي آمد

0
194

ڏوڪري

سنڌ جي ثقافت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ميڊيا سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 29 ماڻهن جي وفد جي موهن جو دڙو تي آمد، سفاري پارڪ به گهمي ڏٺو، شاندار آجيان، هتي اچي تمام گهڻو مزو آيو آهي، وفد جون ميڊيا سان ڳالهيون تفصيل موجب سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ميڊيا سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 29 ماڻهن جو وفد سنڌ عظيم ۽ قديم تهذيبي ماڳ موهن جو دڙو پهتو قديم تهذيبي آثار گهمي ڏٺا۔

وفد ۾ اردو سنڌي انگريزي ميڊيا سان واسطو رکندڙ ۽ نجي ايئر لائينز جا پائلٽ ۽ ٻيا ماڻهو اقصي ڪينجهر، ذوهيب منشه، عمران اسلم خان، عاصم نواز، طارق ابل حسن، توصيف احمد، ارشاد سنجراڻي، راجا ڪامران ۽ ٻيا ماڻهو وفد ۾ شامل هئا بعد ۾ آيل وفد ڏوڪري ڀرسان فهيم سومرو پاران موهن جو دڙو جي طرز انداز سان جوڙيل موهن جو دڙو رزورٽ ۽ سومرا سفاري پارڪ جو دورو ڪيو. موهن جو دڙو جي رپليڪا، اسٽوپا، گريٽ باٿ ۽ ٻيا هنڌ گهمي ڏٺا ۽ ٻيڙي ۾ چڙهي ڍنڍ جو سير ڪيو پڪنڪ ملهائڻ آيل ماڻهن سان سيليون ڪڍرايون۔

ان موقعي تي فهيم سومرو، حسن سومرو، عمران اسلم خان ۽ ٻيا موجود هئا ان موقعي تي وفد ۾ شامل ماڻهن کي سنڌ جي ثقافت ڏاند گاڏي تي چاڙهيو ويو ۽ دهل شرناين تي سندس شاندار نموني استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي هنن جو چوڻ هو ته موهن جو دڙو عظيم ۽ قديم تهذيبي ماڳ آهي سنڌ جي ثقافت تمام گهڻي شاندار آهي ثقافت ۽ سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن جلد نجي ايئر لائين جون فلائيٽون به شروع ڪئي پئي وڃي ايندڙ مهيني کان فلائيٽون شروع ٿي وينديون جنهن ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي سياح ايندا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here