بابر اعظم کي صرف هڪ فارميٽ جو ڪپتان رکڻ تي غور

0
112

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بابر اعظم کي رڳو هڪ فارميٽ جي ڪپتاني ڏيڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب پي سي بي هوم سيزن جي پڄاڻي تي ٽيم جي ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هوم سيزن ۾ مايوس ڪندڙ نتيجن سبب ٽيم مئنيجمينٽ ۽ قيادت ۾ تبديلين جو امڪان آهي.


ذريعن جو چوڻ آهي ته بورڊ ٽنهي فارميٽن لاءِ الڳ الڳ ڪپتان رکڻ چاهي ٿو، بابر اعظم کي رڳو هڪ فارميٽ جي ڪپتاني ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
ذريعن موجب ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ بورڊ طرفان اهم فيصلن جو امڪان آهي، جن ۾ ڪپتان، ڪوچنگ اسٽاف ۽ مستقل چيف سليڪٽر جي مقرري به شامل آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي جي عبوري ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي جو شان مسعود کي ون ڊي ٽيم جو نائب ڪپتان بڻائڻ به ان سلسلي جي ڪڙي آهي، جڏهن ته ٽنهي فارميٽن جو ڪپتان هجڻ سبب بابر اعظم جو اثر وڌيڪ هو، جنهن کي بورڊ گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here