وارھ ۾ سنڌ رينجرز پاران هڪ ڏھاڙي واري مفت طبي ڪئمپ قائم

0
208

وارھ : رپورٽ مظفر قاضي

وارھ ۾ سنڌ رينجرز پاران هڪ ڏھاڙي واري مفت طبي ڪئمپ قائم ڪئي وئي مختلف بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن پاران مريضن کي چڪاسيو ويو مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون۔ ڊي جي سنڌ رينجرز پاران صحت کاتي جي سهڪار سان هڪ ڏھاڙي واري وارھ ۾ مفت طبي امدادي ڪئمپ قائم ڪئي وئي جتي اکين ، دل ، ڪن نڪ ڳلي ، ٻارڙن ، ٽي بي عورتن جي بيمارين جي ڊاڪٽرياڻين ۽ ٻين مرضن جي ماهر ڊاڪٽرن پاران مريضن کي چڪاسي مفت دوائون ڏنيون ويون۔

ان موقعي تي ڊي ايڇ او قمبر شھدادڪوٽ اقبال جاگيراڻي، ايم ايس امام علي تنيو ، سيد حبيب شاھ ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته رينجرز ۽ صحت کاتي جي گڏيل سهڪار سان تعلقي جي پٺ تي پيل عوام جي علاج لاء مفت ڪئمپ قائم ڪئي آھي ۽ مختلف بيمارين هيپاٽائيٽس بي سي ، ايڪسري، الٽراسائونڊ ۽ ٽي بي جون ٽيسٽون ڪيون پيون وڃن مريضن جي چڪاس سڄو ڏينهن جاري رهندي هنن چيو ته ڪئمپ ۾ مختلف شعبن جا 36 ڊاڪٽر مريضن کي تپاسي رهيا آھن ۽ 4 هزار مريضن کي تپاسي مفت دوائون پڻ ڏنيون وينديون۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here