ڏوڪري ڪرڪيٽ بورڊ جي زيرنگراني ٿيندڙ ٽي ٽين ڪرڪيٽ جا دلچسپ مقابلا جاري

0
206

ڏوڪري ڪرڪيٽ بورڊ جي زيرنگراني ٿيندڙ ٽين ٽي ڪرڪيٽ ڏهن ٽيم وچ ۾ هلندڙ سيريز جو سعيد اليون ۽ جانباز ٻٽ وچ ۾ سمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪرڻ لاءِ دلچسپ مقابلو ٿي گذريو۔ سعيد اليون ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 10 اوورن ۾ 150 رنسون ٺاهي مخالف ٽيم کي 151 رنسون جو ٽارگيٽ ڏنو۔

سعيد اليون رانديگر عبدالفتاح سيهڙو بهترين راند جو مظاهرو ڪندي 91 رنسون ٺاهيون جڏهن ته جانباز جي بالرن 3 ٽن اوورن ۾ 26 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون ۽ اويس 3 اوورن ۾ 39 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون۔ هوڏانهن جانباز ٻٽ جواب ۾ بيٽنگ ڪندي 144 اسڪور ٺاهي سگهي ۽ 6 رنسن تان سعيد اليون ميچ کٽي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ڇڏيو آهي۔

جڏهن ته جانباز ٻٽ جي رانديگر سمير بهترين راند کيڏيندي 82 اسڪور ٺاهي سگهيو. هلندڙ سيريز ۾ پهرين سيمي فائنل سنڌو ۽ ٿريچا ٽائيگرس ۽ ٻئي سيمي فائنل ديشي اي ۽ سعيد اليون ۾ ٿيندي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here