ڏوڪري: سرڪاري بيد مشڪ جي وڻن کي بااثر ڳوٺاڻن پاران باھ ڏيڻ وارو سلسلو جاري

0
297

ڏوڪري: ڏوڪريءَ کان ڇتي واھڻ روڊ تي بيٺل سرڪاري بيد مشڪ جي وڻن کي بااثر ڳوٺاڻن پاران باھ ڏيڻ وارو سلسلو جاري، سون جي تعداد ۾ وڻ ڪري پيا، ٻيلي کاتي پاران ڏوڪري ٿاڻي تي بااثر ڳوٺاڻن خلاف فرياد داخل، پوليس باھ ڏيندڙ بااثر ڳوٺاڻن کان رشوت وٺي خاموش بڻيل۔

ڏوڪري کان ڇَتي واهڻ روڊ تي بيٺل سون جي تعداد ۾ بيٺل بيد مشڪ جي وڻن کي با اثر ڳوٺاڻن پاران رات جي وقت باھ ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي، ٻيلي کاتي جي رينج آفيسر عبدالڪريم منڱرئي پاران ملوث جوابدارن خلاف قانوني درخواست ڏيڻ باوجود ڏوڪري پوليس جوابدارن کان رشوت وٺي ڪوبه عمل نه جنهن بعد ٻيهر وڻن کي باھ ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي۔

ھوڏانھن ٻيلي کاتي جي رينج آفيسر عبدالڪريم منڱرئي جو چوڻ آهي ته ڏوڪري ٿاڻي تي ملوث جوابدارن غلام رسول ميتلو، نبن عرف نبي بخش ميتلو، مبارڪ علي گاڏهي، عباس علي آبڙ ۽ خلاف 8 جولاءِ تي ڪارروائي جي درخواست ڏني آهي پر ھن وقت تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ٿي سگهي۔ ھن چيو ته جوابدار رات جي پھر ۾ روڊ تي ٻيٺل وڻن جي پاڙ ۾ گند ڪچرو گڏ ڪري باھ ڏني وڃي ٿي جنهن ڪري سون جي تعداد ۾ وڻ ڪري چڪا آهن۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here