سنڌ جي وڏي وزير صوبائي حڪومت جي مختلف کاتن جي جاري ترقياتي رٿائن جو جائزو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو

0
188
CM Sindh

ڪراچي (26 مارچ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي کان اڳ صوبائي حڪومت جي مختلف کاتن جي جاري ترقياتي رٿائن جو جائزو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، هن جمعي ڏينهن تعليم کاتي جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. وزير تعليم سعيد غني، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن محمد بخش ناريجو، سيڪريٽري فنانس حسن نقوي، سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن خالد حيدر شاهه، ميمبر پي اينڊ ڊي فتح تنيو، اسپيشل سيڪريٽري تعليم آصف ميمڻ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي۔ وڏي وزير تعليم جي شعبي ۾ سمورن منصوبن جي پيش رفت جو جائزو ورتو ۽ وزير تعليم کي هدايت ڪئي ته اسڪولن ۽ ڪاليجن کي فرنيچر فراهم ڪيو وڃي. ان تي وزير تعليم چيو ته عدالت اسڪول جي فرنيچر جي خريداري خلاف عدالتي پابندي جو آرڊر جاري ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته چيف لا آفيسر سان ڳالهايو وڃي ۽ حڪومتي موقف موثر طريقي سان پيش ڪري۔

اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ وٽ 5864.938 ملين رپين جو هڪ پورٽ فوليو آهي جنهن ۾ 269 اسڪيمون مڪمل ڪرڻيون آهن جن لاءِ 28643.178 ملين رپيا جاري ڪيا ويا. اهڙي طرح 30001.760 ملين رپين جو ٿرو فارورڊ نظر اچي رهيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته موجوده مالي سال لاءِ مختص 13150 ملين رپين مان هن 7289.547 ملين رپيا جاري ڪيا آهن جنهن مان 4598.039 ملين رپيا استعمال ٿيا آهن جيڪو جاري ڪيل رقم جو 63.06 سيڪڙو استعمال ظاهر ڪري ٿو۔ وڏي وزير چيو ته 129 جاري اسڪيمون اهڙيون آهن جن لاءِ 25 ملين رپين کان به گهٽ رقم مختص ڪئي وئي جنهن لاءِ گهربل فنڊز هڪ ئي وقت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيئن اهي اسڪيمون وقت تي مڪمل ٿي سگهن۔

هن وڌيڪ چيو ته انهن 129 جاري اسڪيمن لاءِ 1407 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن ۽ ان مان 1000.728 ملين رپيا جاري ڪيا ويا آهن اهڙي طرح استعمال جي شرح 31.97 سيڪڙو ٺهي ٿي. سنڌ جي وڏي وزير تعليم واري وزير کي هدايت ڪئي ته 129 اسڪيمن تي هلندڙ پيش رفت جو پاڻ ذاتي جائزو وٺي ۽ انهن کي هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي کان اڳ مڪمل ڪري. سيد مراد علي شاهه 60 اسڪيمن جي پڻ نشاندهي ڪئي ۽ هر هڪ اسڪيم تي 25 ملين رپين کان وڌيڪ خرچ آيو آهي. انهن منصوبن لاءِ 389.505 ملين رپيا مختص ڪيا ويا ۽ انهن ۾ 5858.208 ملين رپيا جاري ڪيا ويا آهن ۽ 1255.046 ملين رپيا استعمال ڪيا ويا جيڪو جاري ڪيل رقم جي استعمال جو 60.98 سيڪڙو ظاهر ٿئي ٿو. تعليم واري وزير سعيد غني سنڌ جي وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته اهي 60 اسڪيمون جون 2021 جي آخر تائين مڪمل ٿي وينديون۔

اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جيڪي اسڪيمون شروع ڪيون انهن ۾ ارلي چائيلڊهڊ جون 7 اسڪيمون، عمارت کانسواءِ اسڪولن لاءِ عمارتن جي تعمير لاءِ 14 اسڪيمون، پرائمري اسڪول جي هڪ وڏي تعداد کي مڊل اسڪول طور ۽ مڊل اسڪول کان سيڪنڊري ۽ سيڪنڊري کان هائر سيڪنڊري اسڪولن تائين وڌائڻ شامل آهي. 4560 ترجيحي اسڪولن جي توسيع، 28 اسڪولن جي خطرناڪ / ڀريل عمارتن جي تعمير ۽ ٻيون مختلف رٿائون شامل آھن. ڪاليج ايجوڪيشن: ڪاليج ايجوڪيشن ۾ 24377.957 ملين رپين جون 69 اسڪيمون آهن جنهن لاءِ 12788.556 ملين رپيا جاري ڪيا ويا آهن جن مان 11589.401 ملين رپيا استعمال ڪيا ويا. تعليم واري وزير سعيد غني چيو ته 14 جاري اسڪيمن لاءِ 25 ملين رپيا جاري ڪيا ويا آهن جنهن تي 160.335 ملين رپين جي لاڳت ايندي ۽ اهو جون 2021 جي آخر تائين مڪمل ٿي وينديون. هن وڌيڪ چيو ته 404.278 ملين رپين جون 8 اسڪيمون به هلندڙ مالي سال دوران مڪمل ٿينديون. ڪاليج ايجوڪيشن جون ڪجهه اهم اسڪيمن لاءِ 2.29 بلين رپيا مختص ڪيا ويا جن ۾ 23 بوائز اينڊ گرلز ڊگري ڪاليج قائم ڪرڻ شامل آهي. ڊگري ڪاليج قاضي احمد بلڊنگ جي تعمير لاءِ 131.81 ملين رپيا، بوائز ڊگري ڪاليج سوڀوديرو خيرپور جي قيام لاءِ 157.9 ملين رپيا، نوشهروفيروز، سکر، جيڪب آباد، دادو ۽ عمرڪوٽ ۾ 5 آئي بي اي ڪميونٽي ڪاليجن جي قيام لاءِ 750.8 ملين رپيا، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزنن جي مختلف ڪاليجن ۾ فرنيچر جي فراهمي شامل آهن۔

خاص تعليم: ڊپارٽمينٽ آف ايمپاورمنٽ آف پرسن وٿ ڊس ايبلٽيز (ڊي اي پي ڊي) ڇهه اسڪيمون شروع ڪيون آهن جن مان ٽي هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين مڪمل ٿي وينديون. انهن جي ڇهن منصوبن لاءِ ڊي اي پي ڊي جو ڪل پورٽ فوليو 627.066 ملين رپيا آهي جن مان 49.855 ملين رپيا جاري ڪيا ويا آهن ۽ ٿرو فارورڊ 577.211 ملين رپيا آهن۔ 21-2020 ۾ بدين، لاڙڪاڻو، نوشهروفيروز، شهيد بينظير آباد، سانگهڙ، ميرپورخاص، ڄامشورو، دادو، خيرپور، ڪراچي، مٽياري ۽ شڪارپور ۾ 21 خصوصي تعليمي ادارن جي بحالي وارين اسڪيمن جو مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. 82.673 ملين رپين جي لاڳت سان سينٽرل فار اٽينشن ڊفيڪيٽ هائيپر/ اٽيڪٽو ڊس آرڊر (اي ڊي ايڇ/اي ڊي) ۽ ڊائي سيلڪسيا (Dysleia) چلڊرن ڪورنگي قائم ڪيا ويندا، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم کي هدايت ڪئي ته هو اسپيشل ايجوڪيشن جي جاري اسڪيمن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ذاتي توجه ڏئي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here