قمبر: (رپورٽ قاضي نياز حسين)
قمبر – مهي مڪول ٿاڻي جي حد ڳوٺ پارو ابڙو ۾ 3 ٻارڙا پاڻي جي تلاءُ وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويا، تفصيل موجب مهي مڪول ٿاڻي جي حد ڳوٺ پارو ابڙو ۾ 3 معصوم ٻارڙا 5 سالن جو خادم حسين چانڊيو، 7 سالن جو علي حيدر چانڊيو ۽ 6 سالن جي سھانہ پاڻي جي تلاءُ ۾ وهنجندي فوت ٿي ويا، اهڙو اطلاع ملڻ تي ٻارڙن جي وارثن بي هوش سمجهي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ پهچايو جتي ڊاڪٽرن طرفان ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪرڻ کان پوءِ وارث معصوم ٻارڙن جا لاش ڳوٺ کڻي پهتا تہ روڄ راڙو پئجي ويو ۽ ڳوٺ ۾ سوڳ واري صورتحال پيدا ٿي وئي۔