ڏوڪري ۾ ملاحن فورم جي اڳواڻن جو واهن ۽ نارن تي قبضن خلاف احتجاج

0
167

ڏوڪري

ڏوڪري ۾ ملاحن فورم جي اڳواڻن جو واهن ۽ نارن تي قبضن خلاف احتجاج، معصوم ٻارڙن جي ڳچيءَ ۾ مانيون ٻڌي انوکو احتجاج، مظاهرو،پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو، تفصيل موجب ڏوڪري باقراڻي تعلقي جي ملاحن جي نارن تي قبضن خلاف ملاح برادري جي اڳواڻن احتجاجي ريلي ڪڍي آهي معصوم ٻارڙن جي ڳچيءَ ۾ مانيون ٻڌي انوکو احتجاج ڪيو ويو ان ڏس ۾ سنڌ ملاح فورم جي اڳواڻ شهمير ميراڻي فشر فورم جي اڳواڻ امام علي ملاح سماجي اڳواڻ لياقت ميراڻي، ياسين ميراڻي جي اڳواڻي معصوم ٻارڙن جي ڳچيءَ ۾ مانيون ٻڌي سڄي شهر جو گشت ڪيو ۽ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو۔

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقي جي ملاحن جي روزگار ڍنڍن، ڍورن، نارن ،واهن تي غير قانوني طور مختلف برادري جي ماڻهن قبضا ڪري اسان جي ٻچن جو روز گار کسيو آهي جنهن جو تازو مثال ڏوڪري ڀرسان بخش جتوئي جي اڳوڻي چيئرمين عبدالحميد جيسر ۽ سندس ڀائرن فراڊ ڪري جعلي نموني سان ڪوڙا دستاويز جوڙي ورتا آهن ۽ 35 ايڪڙ ناري جي زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب اسان جا ملاح برادري جا ماڻهو بلڪل بي روزگار ٿي ويا آهن۔

اسان وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪيون ٿا ته ڏوڪري تعلقي ۾ واهن ۽ نارن تي قبضن جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ قبضا مافيا خلاف ڪارروائي ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي ۽ اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي اڳوڻي يوسي چيئرمين عبدالحميد جيسر جو چوڻ هو ته قبضن ڪرڻ جا الزام اجايا آهن واهن، نارن ۽ ڍورن تي اسان جو ڪو به قبضو نه آهي سياسي بنيادن تي نشانو بڻايو ويو آهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here