ڏوڪري: ڏوڪريءَ اسپتال آندل پيرسن جوڙي جا لاش پوسٽ مارٽم آندا ويا آهن، ڊاڪٽر نه هجڻ سبب ڪيترائي ڪلاڪ قتل ٿي ويل زال مڙس جا لاش اسپتال ۾ پيل آهن۔ جڏهن ڳوٺ رحيم بخش ٻگهيو ۾ مڊل اسڪول جو چوڪيدار 72 ورهين جو ابراهيم جتوئي ۽ سندس 56 ورهين جي زال فرزانہ کي اسڪول ۾ گهڙي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو۔
ٻنهي مقتولن جا لاش ڏوڪري اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ آندا ويا ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود به مقتولن جو پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهيو آهي۔ مقتولن جي وارثن جون چوڻ آهي ته مقتول ابراهيم جتوئي ۽ فرزانه جتوئي اسڪول جي ڇت تي ستل هئا ته رات جو 11:30 وڳي نامعلوم هٿياربند فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي۔
هنن چيو ته پوليس کي بروقت اطلاع ڏنو هو پر پوليس صبح جو 10 وڳي پهتي هئي. هنن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي۔ هنن چيو ته باقراڻي پوليس اسان سان ڪو به تعاون ناهي ڪري رهي، هنن مطالبو ڪيو ته قتل ٿي ويل زال مڙس جا قاتل گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي۔
هوڏانهن باقراڻي پوليس جو چوڻ هو ته مقتولن جي وارثن اسان کي اطلاع ڏنو ته مقتول ابراهيم جتوئي مڊل اسڪول رحيم ٻگهيو جو چوڪيدار هو اسڪول جي ڇت تي گهرواري سان ستل هو ته نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن۔ معاملي جا جاچ ڪري جلد قاتلن کي گرفتار ڪيو ويندو. هوڏانهن ذريعن کان مليل معلومات موجب 5 سال اڳ هڪ عدالت ۾ ابراهيم جتوئي ۽ مسمات فرازنہ پيار جو پرڻو ڪيو هو۔