جش عيد ميلاد النبي جي جلسن ۽ جلوسن کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، ڊي سي قمبر

0
140

قمبر: رپورٽ قاضي نياز حسين

ڊپٽي ڪمشنر قمبر جاويد احمد جاگيراڻي چيو آهي تہ سڀ ڌريون ايڪي مذھبي ھم آھنگي ۽ ڀائيچاري جو مظاھرو ڪندي عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جوش جذبي سان ملھائن. جش عيد ميلاد النبي جي جلسن ۽ جلوسن کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي۔

اھڙن خيالن جو اظهار ھن ڊي سي آفيس درٻار حال ۾آيل مختلف فرقن جي مذھبي اڳواڻن جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي۔ ھن وڌيڪ چيو ته 12 ربع الاول جي موقعي تي ملڪي حالات کي ڏسندي اھو ضروري آهي ته ضابطه اخلاق جي تي سختي سان عمل ڪيو وڃي۔

ھي اسان جي عيد جو ڏينهن آھي ھر مسلمان کي جوش ۽جذبي سان ملھائن کپي، ڊي سي صاحب سڀني ڌرين جي عالمن تي زور ڀريو ته عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم پر امن نموني ملھائڻ لاءِ ھو پنھنجي خطبن ۾ مذھبي ھم آھنگي ۽ ڀائيچاري جو درس ڏيڻ ھن وڌيڪ اي سي صاحبان کي ھدايت ڏيندي چيو ته تعلقه ليول ميٽنگ ڪري پنھنجا فرض سرانجام ڏيو ۽پوليس سان تعاون ۾رھو جئين اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏئي سگهجي۔

ھن وڌيڪ چيو ته بم ڊسپوزل اسڪاڊ جو ن ٽيمون اسان سان گڏ ھونديون اسان کي بلوچستان مان دھشت گردي جو خطرو آهي ان حوالي سان بارڊر جي سڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جاويد احمد جاگيراڻي سڀني تعلقن جي ايڊمنسٽريٽر ن کي سختي سان ھدايت ڪئي ته ھر تعلقي ۽ ھر ٽائون ۾ صفائي جا بھتر انتظام مڪمل ڪيا وڃن۔

ھن وڌيڪ مذھبي علمائن کي چيو ته سڪيورٽي لاءِ پنهنجا اسڪائوٽ مقرر ڪيو جئين ٻاھران آيل ماڻھن جي چيڪنگ ڪري سگھن ان موقعي تي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ عمران قريشي چيو ته سڪيورٽي جي حوالي سان پندرهن سون کان ٻه ھزار تائين پوليس اھلڪار مقرر ڪيا ويندا جيڪي جلسن ۽جلوسن جي ڪڙي نگراني ڪندا ۽ داخلي ۽خارجي رستن تي سخت چيڪنگ ڪئي ويندي. ان موقعي تي اي ڊي سي ون عامر حسين پنهنور ڊي ايڇ او قمبر شهدادڪوٽ، مختيار ڪار صاحبان، ففٽي ون ونگ شهباز رينجرس انسپيڪٽر انعام الله پڻ موجود هئا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here