ڏوڪريءَ ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ طرفان ٻارڙن سان وڌندڙ جنسي ڏاڍاين خلاف احتجاجي ريلي

0
169

ڏوڪري: ڏوڪريءَ ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ طرفان ٻارڙن سان وڌندڙ جنسي ڏاڍاين خلاف هڪ احتجاجي ريلي ڪڍي آهي، ڏوڪريءَ جي ٽائون هال کان ناڪه چونڪ تائين ڪڍيل ريليءَ جي اڳواڻي حجاب زهرا، لاريب، صيغي تسڪين فاطمه، پرهه جلباڻي، مزمل جلباڻي، عباس رضا، امر جليل ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي ريلي ڪڍندڙ ٻارن جو چوڻ هو ته ٻارڙن سان جنسي ڏاڍاين جو سلسلو روزاني جي بنيادن تي وڌندو پيو وڃي۔

جنسي بک ٻارڙن جي قتل جي صورت ۾ سامهون اچي رهي آهي، اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٻارڙا نه مدرسن ۾ محفوظ آهن ۽ نه ئي پنهنجي گهٽين ۾، تنهنڪري انسانن جي روپ ۾ حيوانن کي سخت کان سخت سزائون ڏنيون وڃن ۽ قانون تي عمل ڪرايو وڃي. ٻارڙن صائمہ جروار جي قتل ۽ ڏاڍائي ڪيس ۾ آيل فيصلي تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار پڻ ڪيو اڳواڻن جو چوڻ هو ته صائمہ جروار ڪيس جا جوابدار پوليس ۽ ميڊيا اڳيان اعتراف ڪري چڪا آهن ته هنن معصوم ٻارڙي کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪيو پر تنهن باوجود ڪورٽ کين آزاد ڪري ڇڏيو. احتجاج ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ علي رضا جلباڻي، مجيب جروار، علي ميمڻ ۽ ٻين پڻ يڪجهتي طور شرڪت ڪئي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here