تعليمي ماهر ۽ ناليواري استاد الله بخش ڪيريو جي پهرين ورسي

0
461
sakrand education

سڪرنڊ ( رپورٽ : مشتاق سولنگي)

تعليمي ماهر ۽ ناليواري استاد الله بخش ڪيريو جي پهرين ورسي سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ ملهائي وئي، جنهن ۾ ڪيريا برادريءَ جي سردار عبد الستار ڪيريو ۽ ٻين مرحوم استاد الله بخش ڪيريو جي وڏي پٽ نثار احمد ڪيريو کي پڳ جا ور ڏنا . ان موقعي تي سردار عبدالستار ڪيريو ، غلام نبي ڪيريو ، صالح سنڌي ، ارباب علي پرهياڙ ، اسد ڪيريو ۽ ٻين چيو استاد الله بخش جي سموري زندگي تعليم جي لاءِ جاکوڙيندي گذري ، پاڻ 1942 ع ۾ پيدا ٿيا ، سندن تعليم صرف مئٽرڪ هئي ۽ جڏھن ارڙھن سان جا ٿيا ته کين دوڙ ڀرسان ڳوٺ لياقت زرداري ۾ استاد مقرر ڪيو ويو ، پاڻ 20 سال ساڳئي اسڪول ۾ پنهنجا فرض ادا ڪيائون۔

هنن چيو ته جيڪو به پنهنجا فرض احساس ذميدراري سان ادا ڪندو آهي ته کيس تمام گهڻو مان ملندو آهي . سائين الله بخش ڪيريو به اهڙن فرض شناس استادن مان هو جيڪي سردي ۽ گرمي جي پرواه نه ڪندي پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري ۽ مخلص جذبي سان نڀائيندا آهن ، سندس وڏي پٽ نثار ڪيريو چيو ته عزيزن ۽ دوستن جيڪا ڳ ٻڌرائي آهي انلاء دعا گهران ٿوته ان جو ڀرم قائم رکي سگهان۔

هن چيو ته بابا سائين الله بخش ڪيريو جي نالي سان هڪ فلاحي فائونڊيش ٺاهيان پيو جنهن جي پليٽ فارم تان ماڻھن جي بهتري لاء جآکوڙيندس ۽ ھڪ سال کانپوء سڀني دوستن جي سامهون ڪارڪردگي پيش ڪندس۔ ورسي تقريب ۾ سياسي ، سماجي اڳواڻن ، مختلف برادرين جي نيڪ مردن ۽ ٻين سوين ماڻھن شرڪت ڪئي . تقريب جي آخر ۾ مرحوم استاد الله بخش ڪيريو جي مغفرت ۡ۽ جنت الفردوس ۾ اعلٰى مَقام لاءِ دعا پڻ گهري وئي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here