محمد اظهر رند
ڪوٽڙي سائيٽ يوم عاشور ڪربلا جي شھيدين امام حسين عليه السلام ۽ سندس ساٿين جي ڪربلا معلي ۾ لازوال قرباني پيش ڪرڻ ته عالم اسلام جيان ھتي به عقيدت احترام سان ڀيٽا پيش ڪئي وئي ھن ڏھاڙي تي ھر طرف يا حسين عليه السلام جون صدائون بلند ڪيون ويون ھنڌن ھنڌ چونڪن چوراھن تي سبيل جون ڪئمپون لڳايون ويون ۽ نظر نياز تقسيم ڪيو ويو مختلف ڪالونين علائقن مان سئون جي تعداد ۾ عزادرا ويھ کان مٿي حسيني ماتمي قافلا مختلف ھنڌن کان ٿيندي بيھار ڪالوني جي مک مجلس جلوس ۾ پھتا جتي سوڳ وارو سماء ڇايئل شديد گرمي ھجڻ ڪري پاڻي جا ڦوھارا به وسايا ويا ان دوران سيڪورٽي جا انتظام پوليس جعفرايه اسڪائوٽ آرگنايئزيشن پاران ماتمي جلوس طرف ايندڙ ويندڙ سمورن مک ۽ لنڪ رستن کي سيل ڪري ماڻهن جي تلاشي وٺي کين پوء اندر ڇڏيو پيو ويو مجلس سيد مختيار شاهه پڙائي جنهن کانپوء وڏي انگ ۾ عزادارن پاران سينا زني زنجير زني ڪري ڪربلا جي ياد کي تازي ڪري ڇڏي جنهن ۾ ڪيترائي مومن زخمي ٿيڻ ڪري طبعي رضاڪارين ملم پٽي ڪري انهن کي روانو ڪيو ويو اھو مرڪزي مک قافلو امام بارگاھ ڪربلا معلي ڀٽائي ڪالوني ۾ شام غريبان کانپوء نھر ٿي ويو ان دوران ڪو به آڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو