رائيس ڪئنال ۽ ان جي واهن تان قبضا نه هٽائڻ تان ايگزيڪيوٽو انجنيئر، ڪراچي آفيس رپورٽ

0
179

لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻي ۾ رائيس ڪئنال ۽ ان مان نڪرندڙ گهاڙ واهه ۽ آبڙي واهه تي ٿيل قبضا نه هٽائڻ تان رائيس ڪئنال جو ايگزيڪيوٽو انجنيئر احمد نواز چانڊيو کي ڪراچي آفيس رپورٽ ڪرايو ويو، عدالت پاران 19 نومبر تي ٽن ڏينهن اندر شهر ۾ رائيس ڪئنال گهاڙ واهه ۽ آبڙي واهه تي غير قانوني اڏيل دڪان ڊاهڻ جو حڪم ڏنو ويو پر رائيس ڪئنال جو انجنيئر آپريشن شروع ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو. سيڪريٽري ايريگيشن پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار۔

ڪمرشل اڏاوتن خلاف آپريشن شروع نه ڪرڻ تي سيڪريٽري ايريگيشن رائيس ڪئنال جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر احمد نواز چانڊيو کي بدلي ڪري ڪراچي رپورٽ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، لاڙڪاڻو آبپاشي کاتي کي سڀاڻي هاء ڪورٽ ۾ رائيس ڪئنال تان ڪمرشل اڏاوتون ڊاهڻ بابت رپورٽ جمع ڪرائڻ آهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here