ٿرپارڪر: رپورٽ جنيد آزاد
مٺي: ڳوٺ مالڻھور خانجي ۾ ڀيل برادري جا گهر ڊاهڻ,ڪيس داخل ڪرڻ ۽ هلندڙ تڪرار تي ڊي سي ٿرپارڪر سان ڳالهيون ڪامياب, پندراهن ڏينهن کان لڳل بک هڙتال ڪئمپ ختم ڪئي وئي,ان ڏس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر سان بي آءِ ايف ٽيم جي گذريل ڏينهن ڊي سي آفيس ۾ ميٽنگ ٿي, ڊي سي ٿرپارڪر پاران ڳوٺاڻن جا سمورا جائز مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ۽ انصاف جو يقين ڏياريو, ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد ڊي سي ٿرپارڪر پاران متاثرن جي بک هڙتال ختم ڪرائڻ لا۽ ٽيم موڪلي,جنهن ۾ اي ڊي سي ون سيد ڪبير شاھ، پ پ اڳواڻ سشيل ملاڻي، صبحان سميجو، سماجي اڳواڻ اڪبر درس، پ پ اڳواڻ سمترا منجياڻي ۽ ڪملا ڀيل بک هڙتال ڪئمپ تي پهچي بي آءِ ايف جي اڳواڻن مرڪزي صدر سورو ڀيل، وڪيل لجپت سوراڻي ڀيل، ڏيوجي ڀيل,گومون مل ڀيل، ۽ متاثر ڳوٺاڻن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو. ۽ ڊي سي جي ٽيم سڀاڻي آچر تي سرزمين تي هلي متاثر ماڻھن جا مطالبا حل ڪرائيندي,جنهن بعد ڀيل برادري پاران بک هڙتال ڪئمپ تي لنگهي آيل ڊي سي ٿرپارڪر جي ٽيم کي مان ڏيندي ڪئمپ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي مٺي جا سينيئر صحافي پڻ موجود هئا, اڳواڻن چيو ته اسان چاهيون ٿا مظلوم ماڻھن سان انصاف ٿئي جيڪا به ڌر غلط هجي ان کي ڏوهاري قرار ڏجي ۽ قانون موجب ڪاروائي ٿيڻ گهرجي, اسان اميد ڪيون ٿا ضلعي انتظاميه پنهنجي ڪيل واعدن تي عمل ڪري متاثر ماڻھن سان ضرور انصاف ڪيو ويندو۔