لاڙڪاڻو شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردن جو احتجاجي مظاهرو

0
302

لاڙڪاڻو رپورٽ: قاضي نياز حسين

لاڙڪاڻو شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردن جو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي شاگرد اڳواڻ ڊاڪٽر سراج احمد ڊاڪٽر محمد ياسين ڊاڪٽر عامر علي ۽ ٻين چيو ته هن وبائي صورتحال ۾ جتي پوري دنيا ۾ شاگردن جي تعليم متاثر ٿيڻ کان بچا ۽لاءِ اپا۽ ورتا پيا وڃن تيئن ئي سڄي پاڪستان جي سمورن تعليمي ادارن ۾ آنلائن ڪلاس هلائڻ سان گڏوگڏ آنلائن امتحان وٺي ڪري شاگردن جو مستقبل محفوظ ڪيو پيو وڃي پر بدقسمتي سان شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي نااهل انتظاميه جي ڪري هن وقت معصوم شاگردن جو مستقبل دا۽ تي لڳل آهي ستن مهينن کان سپلي جا پيپر رڪيل هجڻ ڪري شاگرد اڳئين سال جي پڙهائي به نٿا ڪري سگهن جڏهن ته ٻن مهينن کانپوءِ اڳئين سال جا پيپر به ٿيڻ وارا آهن شاگردن جي هر روز درخواستن تي هميشه وانگر ايڊمنسٽريشن طرفان مڪمل لاپرواهي جو مظاهرو ڪندي ٺلها آسرا ڏنا وڃن ٿا جڏهن ته جمعي ڏينهن شاگردن ٽوئيٽر تي ٽرينڊ هلائي زبردست احتجاج رڪارڊ ڪرايو شاگردن جو مطالبو ڪيو ته اسان جو وڌيڪ هڪ ڏينهن به وڃائڻ بجاءِ آنلائن يپر ورتو وڃي ٻي صورت ۾ سڀ شاگرد روڊن تي هونداسين۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here