ڏوڪري ۾ لوئر اسٽاف جي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو

0
160

ڏوڪري: ڏوڪري ۾ لوئر اسٽاف جي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن لوئر اسٽاف تعليم کاتي جي اڳواڻن مرڪزي پريس سيڪريٽري قاضي وسيم ﷲ جوڻيجو، ضلعي جنرل سيڪريٽري غلام شبير عباسي، ضلعي پريس سيڪريٽري بخشل ٿهيم، تعلقي صدر عبدالغني ٿهيم، عمران ڀان، امتياز ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو۔

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لوئر اسٽاف تعليم کاتو ڏوڪري جا اسان ملازم پنهنجي جائز حقن لاء آواز اٿارڻ جون ڪاوشون ڪندا رهون ٿا، هنن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته لوئر اسٽاف جي ملازمن جا جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن، جائز مراعتون ڏنيون وڃن، ٽائيم اسڪيل، آءِ ڊيز ۽ بائيو ميئٽرڪ جي آڙ ۾ بند پيل پگهارون کوليو وڃن، سينارٽي لسٽ ٺاهي ڪلارڪ پروموشن ڏنيون وڃي، 2007 کان رهيل رعتون جاري ڪيون وڃن، ملازمن کي رهائشي ڪالوني ڏئي اپ گريڊ ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here