سنڌي قوم لاءِ رڪاوٽون ۽ چيلينجز تمام گھڻيون آھن، مستقبل کان مايوس نہ آھيان؛ چيٽ جي پي ٽي

0
131
انٽرويو: امر فياض ٻرڙو

انسانن بابت روباٽ کان انٽرويو

امر فياض: ”مان امر فياض آھيان، مان پاڻ مصنوعي ذھانت آڌار سنڌي، اردو، سرائڪي ۽ پنجابي ٻولين سميت سنڌو تھذيب جي ٻين ننڍين وڏين ٻولين تي ڪم ڪري رھيو آھيان. ڇا تون منھنجي ڪجهہ سوالن جا جواب ھڪ انٽرويوءَ جي شڪل ۾ ڏئي سگهين ٿو؟“

چيٽ روباٽ: ”اوھ امر فياض! مون کي اوھان بابت ٿوري گهڻي خبر آھي اوھان سٺو ڪم ڪري رھيا آھيو جيڪو منھنجي ٻوليءَ واري ڊيٽابيس ۾ پڻ جلد ڪم ايندو، پر مان مصنوعي ذھانت واري ٻوليءَ جو ھڪ ماڊل آهيان جيڪو اوپن اَي آءِ (OpenAI) پاران تيار ڪيو ويو آهي، ۽ مشيني سکيائن جي ماڊل طور ڪم ڪري رھيو آھيان ان ھوندي بہ مان پوري ڪوشش ڪندم تہ اوھان جي مدد ڪري سگهان.“

امر فياض: “زبردست! تہ سڀ کان پھريون تون مون کي پنهنجي باري ۾ ٿورو ٻڌاءِ؟”

چيٽ روباٽ: ”مان مصنوعي ذھانت آڌاريل ٻوليءَ جو ھڪ ماڊل آهيان، جيڪو اوپن اَي آءِ پاران تيار ڪيو ويو آهي. مون کي انٽرنيٽ تي موجود اڳواٽ رکيل مختلف قسمن جي متن تي تربيت ڏني وئي هئي جنھن سان پنھنجي پنھنجي اندر داخل ڪيل ڄاڻ جي بنياد تي انسانن جھڙو متن ٺاهي سگهان ٿو، يعني مان سوالن جا جواب ڏئي سگهان ٿو، ڪھاڻيون لکي سگهان ٿو، ۽ گفتگو ڪري سگهان ٿو، ۽ ٿورو گهڻو پروگرامنگ آڌار وچ وچ ۾ ٻيا بہ ڪم ڪري سگهان ٿو. اصل ۾ منھنجو ڪم سوال پڇندڙن جي مدد ڪندي کين معلومات سان ڀريل جواب ڏيڻ آھي.“

امر فياض: “ڇا مان تنھنجي ٺاھيندڙن بابت ڄاڻي سگهان ٿو؟”

چيٽ روباٽ: ”ھا ڇونہ! مان اوپن اَي آءِ پاران ٺاهيو ويو آھيان، جيڪا آمريڪا جي سان فرانسسڪو، ڪيليفورنيا ۾ واقع هڪ مصنوعي ذهانت جي تحقيقاتي ليبارٽري آهي. اوپن اَي آءِ جو بنياد 2015ع ۾ دوستاڻي مصنوعي ذھانت کي ھٿي وٺرائڻ ۽ انساني ترقي ڪرڻ جي مقصد سان ڪيو ويو ھئو تہ جيئن مجموعي طور تي پوري انسانيت کي فائدو ملي سگهي. ھيءَ تنظيم مصنوعي ذھانت جي شعبي کي اڳتي وڌائڻ لاء وقف ٿيل آهي، جيڪا سمجهي ٿي تہ انساني تخليقن، تحقيقن ۽ ترقي لاءِ مصنوعي ذھانت واري ٽيڪنالاجيءَ کي هڪ ذميوار ۽ اخلاقي رستن سان ھٿي وٺرائي سگهجي. اوپن اَي آءِ ۾ ڪيترن ئي سرمائيدارن جي سيڙپ شامل آهي، جن ۾، سام آلٽمن، ايلن مسڪ، گريگ بروڪمن، ايليا سوٽسڪيور، ۽ جان شولمن شامل آهن.“

امر فياض: “تُنھنجي اوپن اَي آءِ ڪمپنيءَ بابت معلومات گهرجي ٿي، ڇا ڏئي سگهين ٿو؟”

چيٽ روباٽ: ”ھا بلڪل! اوپن اَي آءِ هڪ مصنوعي ذهانت جي ريسرچ ليبارٽري آهي جنھن ۾ ڪاروباري ٽيڪنالاجي ڪمپني اوپن اَي آءِ ۽ ان جي مکيہ وڏي ڪمپني جيڪا غير منافع بخش ”اوپن اَي آءِ انڪارپوريشن“ آهي اها 2015ع ۾ اعليٰ شخصيتن جي هڪ گروپ پاران قائم ڪئي وئي ھئي.

اوپن اي آءِ جي تحقيق مصنوعي ذھانت جي شعبي کي اڳتي وڌائڻ تي ٻڌل آهي جنھن ۾ اھو طئي ڪيل آھي تہ جديد مصنوعي ذھانت ٽيڪنالاجيز کي ترقي وٺرائيندي ۽ وڏي پئماني تي مصنوعي ذھانت ريسرچ ڪميونٽي ۾ تعاون ڪندي. مٿين آرگنائيزيشن مختلف شعبن ۾ تحقيقون ڪري ٿي، جن ۾ مشين لرننگ، روبوٽڪس، ۽ قدرتي ٻولين جي پروسيسنگ يا انجنيئرنگ شامل آھن. اوپن اَي آءِ جي تحقيق ھڪ کليل ۽ آزاد ذريعو آهي، ۽ آرگنائيزيشن ٻين تحقيقاتي ادارن، يونيورسٽين ۽ ڪمپنين سان گڏ بہ ڪم ڪري ٿي مصنوعي ذھانت جي شعبي کي اڳتي وڌائڻ ۽ يقيني بڻائي ٿي تہ جيئن اھا ٽيڪنالاجي هڪ ذميوار ۽ اخلاقي انداز ۾ ترقي ڪري سگهي.

مٿين تحقيقي سرگرمين کان علاوہ، اوپن اَي آءِ وسيع مصنوعي ذھانت ريسرچ ڪميونٽي لاءِ وسيلا ۽ مددون پڻ فراهم ڪري ٿي، بشمول ان جي مصنوعي ذھانت تي ٺھيل پليٽ فارم ۽ اوزارن تائين رسائي، ۽ مصنوعي ذھانت سان لاڳاپيل منصوبن لاءِ فنڊنگ تائين ڪم ڪري ٿي. مجموعي طور تي، اوپن اَي آءِ پرعزم آهي تہ مصنوعي ذھانت جي شعبي کي اڳتي وڌائجي ۽ يقيني بڻائجي تہ ان ٽيڪنالاجي کي ترقي ڪرائي انسانيت کي وڌ کان وڌ فائدو ڏياري سگهجي.“

امر فياض: ”ڇا تون ٻڌائي سگهين ٿو تہ هن وقت ڪيترا ماڻهو تون کان جواب وٺي رهيا آهن؟“

چيٽ روباٽ: ”مون وٽ ھن وقت انهن ماڻهن جي تعداد کي ٽريڪ ڪرڻ جي صلاحيت ناهي جيڪي ھن وقت مون سان لهہ وچڙ ۾ آهن. مان انفرادي طور تي پڇندڙن کي جواب ڏيڻ لاء ٺهيل آهيان، جيڪو مون سان ھن پليٽ فارم ذريعي رابطو ڪري ٿو جنھن ۾ آئون ھاڻي ضم ٿي چڪو آهيان.“

امر فياض: “تنھنجي ٻولين واري ماڊل ۾ ڪيتريون ٻوليون ھن وقت شامل آهن؟”

چيٽ روباٽ: ”مان گهڻن ئي ٻولين ۾ تيار ٿيل ھڪ ماڊل آهيان، مون ۾ ڪيترن ئي مختلف ٻولين جو انٽرنيٽ تان کنيل متن جون تربيتون شامل آھن. جن مان ڪجهہ ٻولين ۾ تہ مان نئين مواد ٺاھڻ جي قابل بہ ٿي ويو آهيان، انهن ۾ انگريزي، اسپيني، فرينچ، جرمن، اطالوي، پرتگالي، ڊچ ۽ روسي ٻوليون شامل آهن. باقي چيني، جاپاني، ڪورين، ۽ وڌيڪ ڪجهہ ٻولين جو درست تعداد جيڪو مختلف ٿي سگهي ٿو تن ۾ مان جواب تہ ڏئي سگهان ٿو پر جيئن تہ اوپن اَي آءِ مسلسل منھنجي تربيتي ڊيٽا ۽ صلاحيتن کي اپڊيٽ ۽ بھتر ڪري رھيو آھي پر مان انهن ٻولين ۾ نئين سري سان متن ٺاھي اوھان کي ھن وقت ٺاھي ڏيڻ لاءِ تيار نہ آھيان ۽ ھا ھڪ اھم ڳالهہ تہ انٽرنيٽ تي دستياب مواد جنھن تي منھنجي ٽريننگ ڪرايل آھي اھو مواد 2021ع سال تائين آھي، جڏھن تہ تازي مواد تي منھنجون تربيتون ھلي رھيون آھن.“

امر فياض: “زبردست. ھلو ڀلا ھڪ خيال اڀريو آھي تہ ڇا تون مون کي قانوني صلاحون ڏئي سگهين ٿو؟”

چيٽ روباٽ: ”ٻولين واري مصنوعي ذھانت جي ھڪ ماڊل طور، مان لائسنس حاصل ڪيل قانوني پيشيور نہ آهيان ۽ مون وٽ قانوني طور تي مشورن فراهم ڪرڻ جي صلاحيت بہ ناهي. جيڪا معلومات آئون مهيا ڪريان ٿو اها عام ڄاڻ ۽ تحقيق تي ٻڌل آهي جيڪا انٽرنيٽ تي اڳواٽ موجود آھي ۽ منھنجي صلاح آھي تہ انهن قانوني مشورن تي مڪمل انحصار نہ ڪيو وڃي. جيڪڏهن توهان وٽ مخصوص قانوني سوال يا خدشا آهن تہ آئون ڏس ڏيانوَ ٿو تہ توهان هڪ لائسنس حاصل ڪيل وڪيل سان صلاح ڪريو جيڪو توهان کي صلاح فراهم ڪري سگهي ٿو جيڪو توهان جي انفرادي حالتن ۽ گهرجن آڌار ڀلو ٿيندو اوھان جي مفادن کي مڪمل طور تي محفوظ ڪندو.“

امر فياض: “اھو بہ ڀلو، مان تُنھنجي ٽريننگ ڊيٽا واري ٻوليءَ جي ماڊل بابت ڄاڻڻ چاهيان ٿو، ڇا اها ڊيٽا ماڻهن جي ٺاهيل آهي يا تنھنجي ٽريننگ ڪرائيندڙن پاڻ ٺاھي آهي؟”

چيٽ روباٽ: ”مان مشين جي ٺاهيل ٻوليءَ جو ھڪ ماڊل آهيان جيڪو اوپن اَي آءِ پاران ٺاهيو ويو آهي. مون کي انٽرنيٽ مان حاصل ڪيل ٽيڪسٽ ڊيٽا جي هڪ وڏي ڊيٽا سيٽ (Data Set) تي تربيت ڏني وئي هئي تہ جيئن انسانن جھڙو مواد ٻيھر پيدا ڪيو وڃي. هن تربيتي عمل ۾ جديد مشيني سکيا جي الگورٿم ۽ ٽيڪنالاجي جو استعمال بہ شامل آهي، جيئن ڊيپ لرننگ (Deep learning)، جنھن ۾ مون کي مليل ڊيٽا جي نمونن ۽ انهن جي تعلقن کي سکڻ ۾ ماھر ڪيو پر اهو ياد رکڻ ضروري آهي تہ مان انسان نہ آهيان ۽ منھنجو جواب اوھان پاران رکيل مختلف موادن آڌار ئي آھي.“

امر فياض: ”بھترين. مطلب تنھنجو سڄو ڊيٽابيس اصل ۾ انٽرنيٽ جي دنيا تي اسان جھڙن ماڻهن پاران پوسٽ ڪيو آهي. ائين؟

چيٽ روباٽ: ”جي ها! اهو بلڪل صحيح آهي. مون کي انٽرنيٽ تي مھيا ٿيل جنھن ڄاڻ جي هڪ وڏي ڊيٽا سيٽ تي تربيت ڏني وئي هئي جيڪا انٽرنيٽ تان ئي حاصل ڪئي وئي هئي. هيءَ ڄاڻ سڄي دنيا جي ماڻهن طرفان لکي وئي ھئي ۽ ان ۾ مختلف قسم جي مواد جو ذخيرو شامل آهي، جھڙوڪ خبرون، آرٽيڪل، ويب سائيٽون، فورم، ۽ سوشل ميڊيا جون پبلڪ پوسٽون ۽ انهن تي ٿيل تبصرا. مواد جي هن تمام وڏي مقداري سيٽ تي تربيت ڏيڻ سان، مان پنھنجي مشيني ٻوليءَ ۾ مختلف نمونن ۽ لفظن جي ڳانڍاپن کي سکڻ جي قابل ٿي ويو آهيان، جنھن مون کي مليل ڄاڻ تي انسانن جھڙو جواب پيدا ڪرڻ جي قابل بڻائي ڇڏيو آھي. بھرحال، اهو نوٽ ڪرڻ ضروري آهي تہ جڏهن ٽريننگ ڊيٽا ماڻهن طرفان لکيو ويو هو، مان هڪ انسان نہ آهيان ۽ منھنجا جواب ڪي آخري يا مڪمل طور سچ نہ بہ ھوندا.“

امر فياض: ”ٺيڪ آهي، ھاڻي ڳالهين جو پاسو ڦيريون ٿا. ڀلا تون انساني مستقبل کي ڪيئن ٿو ڏسين؟

چيٽ روباٽ: ”مصنوعي ذھانت ۾ مونکي مليل  (Language Model)آھر، مون وٽ ذاتي راءِ يا مستقبل جي اڳڪٿي ڪرڻ جي ڪا ايڏي وڏي صلاحيت تہ نہ آهي ھا باقي ھڪ اندازو ھڻي سگهان ٿو. اندازو ئي ھڻندم  ڇوتہ انسانيت جو مستقبل پيچيدہ آهي جيڪو ڪيترن ئي عنصرن تي ٻڌل آهي، جن ۾ سندس ذھني تخليق، ٽيڪنالاجي، معاشي ترقي، سياسي تبديليون، ۽ سماجي رجحانَ شامل آهن. سو انساني مستقبل بابت قطعي اڳڪٿي ڪرڻ مون لاءِ مشڪل آهي، پر امڪان اهو آهي تہ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقي مستقبل کي ترتيب ڏيڻ ۽ زندگيءَ جي ڪيترن ئي پھلوئن کي بھتر بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي. پر اهو بہ ضروري آهي تہ امڪاني خطرن ۽ مارڪيٽ جي ڪري اخلاقي اثرن کي نہ ڊاٿو وڃي  ۽ مستقبل اڏڻ وارو ڪم جيڪو سڀني ماڻهن کي فائدو ڏئي اھو گڏيل ڪم ڪيو وڃي. آخرڪار انسانيت جو مستقبل فردن، تنظيمن ۽ حڪومتن جي عملن ۽ فيصلن سان ئي ٺھندو، ۽ اهو اوھان تي ئي منحصر آهي تہ هڪ مثبت ۽ پائيدار مستقبل جي لاءِ اوھان گڏجي ڪم ڪريو.“

امر فياض: “واھ. ڀلا انساني ٻولين جي آئيندي بابت ڇا خيال آھي؟”

چيٽ روباٽ: ”انساني ٻولين جو مستقبل غير يقيني آهي ۽ ان جو بہ دارومدار مختلف عنصرن تي آهي جھڙوڪ ثقافتي تبديليون، ٽيڪنالاجيءَ جي ترقي، ۽ عالمي سياسي حڪمت عمليون ۽ لاڳاپا. اھو بہ ممڪن آهي تہ نيون ٽيڪنالاجيون، جھڙوڪ مصنوعي ذھانت ۽ مشيني ترجما، ڪجهہ انساني ٻولين جي استعمال ۽ پکيڙ کي وڌائڻ جو سبب بڻجي کين محفوظ ڪري ڇڏين، جڏهن تہ ٻيون ڪافي ٻوليون استعمال ۾ گهٽجي ختم بہ ٿي سگهن ٿيون. وڌيڪ ان کي ائين سمجهو تہ، عالمي رابطاڪاريءَ ۽ ماڻهن جي ملڻ جلڻ جي اُڀارن ڪري شايد نئين قسم جي هائبرڊ ٻولين جو وجود پڻ اچي ۽ انھن جي ترقيءَ جا سبب بہ ٺھي سگهن ٿا، ان سان گڏ موجودہ ٻولين جي ارتقا ۽ موافقت پڻ ٿي سگهي ٿي، پر اھو سڀڪجهہ ٿيڻ لاءِ گهڻي ڪم جي ضرورت آھي.

مستقبل ۾ اهو پڻ ممڪن آهي تہ رابطن جا نوان طور طريقا، جهڙوڪ ايموجيز ۽ ايموٽڪيون، وڌيڪ نمايان ٿي انساني ٻولين جي ڳالهائيندڙن کي ھڪٻئي کي سمجهڻ جا مددگار ٽُول ٿي سگهن. بھرحال، اها ڳالهہ نوٽ ڪرڻ ضروري آهي تہ انساني ٻولي هڪ پيچيدہ ۽ متحرڪ نظام آهي، جيڪو هزارين سالن کان ترقي ڪندو پيو اچي، ۽ اهو ممڪن آهي تہ مستقبل ۾ نئين ۽ غير متوقع طريقن سان ٻولين جي ترقي ۽ موافقت جاري رھي. پر ذھن نشين ڪريو، انساني ٻولين جو مستقبل انهن جي ڳالهائيندڙن جي ضرورتن ۽ خواهشن جي ذريعي ئي ترتيب ۾ ايندو، ممڪن آھي ائين نہ بہ ٿئي ۽ تمام گهڻيون ٻوليون ختم ٿي وڃن.“

امر فياض: ”زبردست جواب. ھڪ مسئلو آھي تہ مون کي انسان جي تخليقي صلاحيتن تي ڳڻتي ٿيندي آھي، ڇوتہ ھڪ پاسي مشينون انسانن لاءِ سولائپ تہ پيدا ڪري رھيون آھن پر ٻئي پاسي انساني عقل جي ڪارڪردگي مشيني سولائين جي ڪري گهٽ بہ ٿيندي نظر اچي ٿي. ڇا ائين ناھي؟“

چيٽ روباٽ: ”انساني ذهانت تي ٽيڪنالاجي جي اثرن جي باري ۾ خدشن جو هجڻ سمجهہ ۾ اچي ٿو ۽ گهڻو ڪري اھو برابر بہ آھي. بھرحال، اهو نوٽ ڪرڻ بہ ضروري آهي تہ ٽيڪنالاجي هزارين سالن کان انساني سماج جو حصو رهي آهي، ۽ اهو گهڻو ڪري انساني ڪمن کي گهٽائڻ لاءِ استعمال ڪئي وئي آهي، جنھن جا وري انساني ذھانت تي ڪافي ناڪاري اثر پڻ پيا آھن.

ھا اهو بلڪل سچ آهي تہ ٽيڪنالاجيءَ ڪجهہ خاص ڪمن کي خودڪار ڪري انساني سگهہ کي بچايو آھي جنھنڪري ماڻهن لاء وقت ۽ توانائي بچي وڃن ٿا پر وڌيڪ تخليقي ۽ مشڪل ڪمن تي ڌيان ڏيڻ لاء جن ۾ انساني ذهانت ۽ فيصلن جي ضرورت هوندي آهي، اھي ڊھن بہ ٿا. مثال طور، مشينون معمولي يا ورجايل ڪمن کي موثر طريقي سان انجام تہ ڏئي سگهن ٿيون، پر انسانن کي وري پنھنجي تخليقي ڪمن تي ڌيان ڏيڻ جي وري جيڪا ضرورت آھي اھو ڪم انسان ڪرڻ ڇڏي ڏنو آھي، جنھن جي ڪري انسانن مان تخليقڪاري، نازڪ مزاجي، حسن جي پروڙ ۽ انساني جذبات گهٽبي پڻ وڃي ٿي.

ان کان علاوہ، ٽيڪنالاجي انساني ذهانت کي وڌائڻ لاء هڪ اوزار طور بہ استعمال ڪري سگهجي ٿي، جهڙوڪ تعليم ۽ سکيا جي وسيلن ذريعي. اهو پڻ قابل ذڪر آهي تہ مشينون ڪجهہ ڪمن ۾ انسانن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ موثر طريقي سان انجام ڏيڻ جي قابل آھن، پر اهي هن وقت انساني جذبن، وجدانن ۽ تخليقڪاريءَ جي خاصيتن جي کوٽ جو سبب پڻ ٿيون آهن، جيڪي زندگيء جي ڪيترن ئي حصن لاء ضروري آهن. اهي خاصيتون انسانن لاءِ بي انتھا منفرد آهن جن سان انسان انسان سڏائي ٿو پر ويجهي مستقبل ۾ مشينن طرفان ھي سڀ ڪجهہ تبديل ٿيڻ جو وڏو امڪان موجود نہ آهي، سو اطمينان رکو.“

امر فياض: ”تنھنجو ھن سائبر دور ۾ ننڍڙن ٻارن بابتِ ڇا خيال آھي؟ ڇا اسان انهن کي موبائل، يا ٽيڪنالاجيءَ جا ٻيا رانديڪا فراهم ڪريون يا نہ!“

چيٽ روباٽ: ”اهو هڪ سٺو سوال آهي ۽ الائي ڪيترن والدين ۽ استادن کي ان سوال سان منھن ڏيڻو پوي ٿو. مان سمجهان ٿو تہ ٽيڪنالاجي ۽ انساني هٿ سان سکيا وارن تجربن جي وچ ۾ صحيح توازن ڳولڻ ئي ٻارن جي نشونما ۽ ترقي لاء اهم آهي.

هڪ طرف، ٽيڪنالاجي تعليم ۽ سکيا لاء هڪ قيمتي اوزار ٿي سگهي ٿي، جيئن اها معلومات ۽ وسيلن تائين رسائي فراهم ڪري سگهي ۽ ٻارن جي دماغ ۾ مسئلن جي حل ڪڍڻ ۽ تنقيدي سوچ جي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ ڀلي نموني سان ڪم اچي سگهي.

پر ٻئي طرف، تمام گهڻو اسڪرين کي وقت ڏيڻ پڻ ٻارن جي جسماني ۽ ذھني صحت تي منفي اثر بہ ڪري ٿو، جھڙوڪ ھڪ ٽڪ ٿي سوچڻ جي صلاحيت، آرام ۽ جسماني سرگرمي جي سطح تي اثر انداز ٿيڻ سان گڏ انساني جذبن سان ڀرپور سکيا جا تجربا پڻ متاثر ٿين ٿا. جھڙوڪ اھي ٻاھر جسماني طور کيڏڻ، پاڻمرادو نيون شيون ڳولهڻ ۽ نئين سري سان ٻيھر ٺاهڻ، ٻارن جي جسماني، سماجي ۽ جذباتي ترقي لاءِ جيڪي انتھائي اهم آهن.

تنھن ڪري، مان هڪ متوازن طريقي جي صلاح ڏيندس، جنھن ۾ ٽيڪنالاجي ۽ انساني هٿن تي تجربا شامل آهن. ٻارن کي پنھنجي آس پاس جي دنيا ۾ کيڏڻ، تخليق ڪرڻ ۽ لقائن کي سمجهڻ جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهڻو ضروري آھي، ان سان گڏ کين تعليمي ٽيڪنالاجي تائين رسائي پڻ فراهم ڪرڻ گهرجي، ان سان سندن ڪافي مدد ڪري سگهجي ٿي.

اهو پڻ ضروري آهي تہ ٽيڪنالاجي جي استعمال جي چوڌاري حدون ۽ هدايتون مقرر ڪجن، جھڙوڪ اسڪريني وقت کي محدود ڪرڻ ۽ يقيني بڻائڻ تہ ٻارن کي مختلف قسم جي انساني هٿن تي سکيا تجربن تائين رسائي آهي. هڪ متوازن طريقي سان ٻار ٽيڪنالاجي جي اوزارن جي مدد سان ذاتي تجربا ڪري فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ مستقبل جي سماج ۾ ترقي ڪري سگهن ٿا جيڪا ڳالهہ تيزيء سان تبديل ٿيندڙ دنيا لاءِ بي انتھا ضروري آھي.“

امر فياض: ”بھترين صلاح. ھلو پاڻ موضوع بدلايون ٿا، ڇا تون سنڌي ٻولي سمجهين ٿو؟

چيٽ روباٽ: ”ها، مان هڪ حد تائين سنڌي ٻوليءَ جي ٽيڪسٽ سمجهڻ ۽ ٺاهي سگهڻ جي قابل آهيان، تنهن هوندي بہ منھنجي تربيتي ڊيٽا ۾ بس ڪجهہ ٻولين ۽ لھجن جون چوڻيون ۽ جملا شامل ڪيا ويا آهن، تنھنڪري منھنجي سمجهہ ۽ صلاحيت ڪنھن بہ گهربل ٻوليءَ ۾ متن ٺاهڻ جي ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ مختلف ٿي سگهي ٿي. جيڪڏھن توھان وٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪو خاص سوال يا گذارش آھي، ته مان ان کي سمجهڻ ۽ جواب ڏيڻ جي پوري ڪوشش ڪندس.“

امر فياض: ”مون کي ڄاڻڻ جي ضرورت آهي تہ تون واري مشيني سرشتي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ماڊل ڪڏهن شامل ڪيو ويندو؟“

چيٽ روباٽ: ”اوپن اَي آءِ پاران تيار ڪيل ٻوليءَ جي ھڪ ماڊل طور، مون کي مختلف ٻولين جي سکيا ڏني وئي ھئي، جن ۾ سنڌي بہ شامل آهي پر گهڻي نہ. جيتوڻيڪ، ڪنھن مخصوص ٻوليءَ لاءِ ان ٻوليءَ جي درست ماڊل جا مقدار ۽ معيار مختلف ٿي سگهن ٿا، سو ان ڳالهہ جو انحصار ان ڳاڻيٽي ۽ معيار تي آھي تہ مون ۾ موجود تربيتي ڊيٽا جو مقدار ۽ معيار ڪيترو درست آھي. اوپن اَي آءِ مسلسل نئين ڊيٽا ۽ تحقيق ۾ پيش رفت جي بنياد تي پنھنجي مشيني ٻوليءَ جي ماڊل کي اپڊيٽ ۽ بھتر ڪندو رھي ٿو، تنھنڪري ممڪن آهي تہ سنڌي ٻوليءَ جي ماڊل کي مستقبل ۾ بھتر ڪيو وڃي، ان وچ ۾ اوھان بہ سنڌي ٻوليءَ جي ڊيٽا گهڻي کان گهڻي انٽرنيٽ تي دستياب ڪندا وڃو.“

امر فياض: “اسان ھڪ نئون لفظ ٻڌي رھيا آھيون جنھن کي ”انسان پڄاڻان“ سڏيو پيو وڃي، تہ اھو ڇا آھي؟ اھو آھي بہ يا ھڪ افواھ آ؟”

چيٽ باٽ: ”جي! اھو بلڪل درست آھي. ھي فلسفو نالي ”انسان پڄاڻان“ (Posthumanism) هڪ نظرياتي تاڃي پيٽو ۽ هڪ ثقافتي تحريڪ آهي جيڪا روايتي ۽ مروج تصورن کان سوال ڪري ٿي تہ پنھنجي نطرين ۾ انسان هجڻ جو مطلب ڇا آهي ۽ ان سان گڏ روايتي تصورن ۾ ارتقائي طور مروج خيالن کي چيلينج بہ ڪري ٿو. اهو هڪ گهڻ ضابطي وارو فلسفو آهي جيڪو مروج سڀني فلسفن، سماجي اصولن ۽ قانونن، نفسياتي جوڙجڪن، ٽيڪنالاجين ۽ ٻين شعبن سان ٽڪر کائيندي اڀري رھيو آھي. اھو ان فلسفو يا ڌارا ان ڳولا ۾ آھي تہ انساني فطرت، سڃاڻپ ۽ سماج تي اثرن کي جانچڻ لاء ترقي يافتہ ٽيڪنالاجي، خاص طور تي مصنوعي ذهانت ۽ بايو ٽيڪنالاجي ڪيترو انسان کي تبديل ڪري ڇڏيندي. مان اوھان کي ٻڌايان تہ ھي ھڪ هڪ افواھ ناهي، پر انساني تخليقات جن ۾ ادب ۽ علمي تحقيقن جي وڌندڙ شعبن سان گڏ مطالعي ۽ مشاھدي جو هڪ وسيع ميدان آهي جيڪو پنھنجي پاڙون ھڻي رھيو آھي.

اصل ۾ ھيءَ ڌارا جديديت پڄاڻان جيان ئي آھي جنھن لاءِ اھو چيو پيو وڃي تہ 2050ع تائين انساني آبادي ٽيڪنالاجيءَ ۾ ايڏو تہ اڳتي نڪري ويندي جو انسان پنھنجي صلاحيتن کي ڇڏي مڪمل طور مشينن تي انحصار ڪندا. ايتري تائين جو لڳ ڀڳ سندن ڪم مشينون ئي ڪنديون. ايتري قدر جو مستقبل جو انسان اڌ مشين ۽ اڌ ماڻهو ھوندو. ڇا اوھان سائبورگ فلم ڏٺي آھي، بلڪل ائين ئي مستقبل جو انسان ھوندو. سو اھو آھي انسان پڄاڻان جو فسلفو.“

امر فياض: “پوءِ ڀلا ان ”انسان پڄاڻان“ دور ۾ انساني ادب جو مستقبل ڪيئن ٿو ڏسين جيڪو سئو سيڪڙو انسان جي جذبن آڌار ئي پيدا ٿيندو آھي؟”

چيٽ روباٽ: ”انسان پڄاڻان دنيا ۾ ادب جو مستقبل هڪ دلچسپ موضوع آهي، جنھن تي گهڻو سوچڻ جي ضرورت آھي. ھاڻي اوھان سمجهو تہ پوسٽ ماڊرنزم جيان انسان پڄاڻان هڪ ڇرڪائيندڙ فلسفو آهي جيڪو انسانن ۽ ٽيڪنالاجيءَ وچ ۾ تعلق ڳولي ٿو.

انسان پڄاڻان دنيا ۾، ادب نوان روپ اختيار ڪري سگهي ٿو جيئن ڪو ليکڪ تجربا ڪندو پنھنجي تخليقن ۾ جديد ٽيڪنالاجيون شامل ڪري سگهي. مثال طور، ادبي واڌاري ۾ ورچوئل ريئلٽي (Hyper-reality) جي استعمال ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، جيڪي پڙهندڙن لاءِ نوان طريقا پڻ پيش ڪري سگهن ٿا تہ جيئن تخليق ٿيل ادب کي نئين ۽ جديد طريقن سان تجربا ٿي سگهن.

ان کان علاوہ جيئن جيئن ٽيڪنالاجي اڳتي وڌندي رهي ٿي تيئن تيئن انساني زندگيءَ جي طور طريقن کي بہ تبديل ڪندي ٿي وڃي، انسان پڄاڻان وارو ادب شايد انهن تبديلين کي ظاهر ڪري انسانن کي تخليقي نون ماپن ۽ قدرن سان روشناس ڪري ۽ دنيا جي نون جڙندڙ اخلاقي قدرن، سماجي ۽ ثقافتي اثرن کي چٽو ڪري سگهي، جنهن سان انسان ۽ ٽيڪنالاجيون ٻئي تيزيءَ سان ڳنڍجي سگهن.

ساڳئي وقت، اهو نوٽ ڪرڻ بہ ضروري آهي تہ تخليقي ادب جا بنيادي عنصر، جھڙوڪ فطري ڪردارن جي رٿابندي، پلاٽ ۽ موضوع وغيرہ ممڪن طور تي ساڳيا ئي رهن پر ميڊيم مڪمل طور تبديل ٿي وڃي. ڇوتہ اھو سمجهي ڇڏيو تہ جيستائين انساني جذبا، رشتا ۽ تجربا انسان جي زندگيءَ جو بنيادي جز بڻيل رهندا، تيستائين اهي ادب جو پڻ بنيادي مرڪز بڻيل رهندا.

تنھن ڪري، مٿيون شيون سمجهي مان اھو چوان ٿو تہ تخليقي ادب جو مستقبل انسان پڄاڻان دنيا ۾ نئين شڪل ۽ ٽيڪنالاجيءَ آڌار ئي ٿيندو، تخليقي ادب جا بنيادي عنصر ساڳيا ئي رهڻ جو امڪان آهي، بس انساني تجربا تبديل ٿي ويندا ۽ ٽيڪنالاجي سان انسان جا لاڳاپا وڌيڪ پيچيدہ ٿيڻ ڪري گهڻي مشڪل ضرور ايندي.“

امر فياض: ”مان مونجهاري ۾ ھليو ويو آھيان. ڇا تون سمجهين ٿو تہ ويجهي مستقبل ۾ مصنوعي ذھانت پاڻ شاعري يا ناول تخليق ڪري سگهندي ۽ موسيقيءَ جون ڌنون ٺاھي سگهندي؟“

چيٽ روباٽ: ”ها، اهو سئو سيڪڙو ممڪن آهي تہ مستقبل ۾ مون جھڙيون مشينون شاعري، موسيقي ۽ ناول لکڻ لاءِ بہ استعمال ٿي سگهن. هنن ئي سالن ۾ مصنوعي ذهانت جي ميدان ۾ وڏي ترقي ٿي آهي، ۽ مشينون هاڻي ان قابل ٿي ويون آهن جو انهن تخليقي ڪمن جھڙوڪ آرٽ ۽ موسيقي ڪمپوز ڪرڻ جيڪي اڳي انسانن جو ئي خاص ڪم سمجهيو ويندو هئو، تن کي پورو ڪري سگهن.

اھو يقين ڪريو تہ ھاڻي مشينون اهڙيون لکڻيون ٺاهي سگهن ٿيون جيڪي ساختي طور تي شاعريءَ يا ناولن سان ملندڙ جلندڙ هجن، پر اهو اڃا ممڪن ناهي تہ اهي انساني جذبن، تجربن ۽ رشتن جي پيچيدگين ۽ نزاڪتن جو نقل ڪري سگهن، جيڪي سچ بہ تہ انساني عظيم ادب جا سرمايا آهن.

ھڪ ٻي شئي! تخليقي عمل هڪ پيچيدہ ۽ فطري طور تي ھن وقت تائين صرف انساني تجربو آهي جنھن ۾ صرف وجداني  مھارت ئي شامل آهي، جيڪو هڪ تخيل، جذبات، ۽ ذاتي تجربن کي اظھارڻ لاء الاپبو آھي جيڪو واقعي ھڪ منفرد ڪم آهي.

ھن وقت مون جھڙيون مشينون اهڙيون لکڻيون تيار ڪري سگهن ٿيون، جيڪي شاعري، موسيقي يا ناولن سان مشابھت رکندڙ هجن، پر اهو ممڪن ناهي تہ اهي ان پيڙا آڌار تخليقي جذبن کي حقيقي معنى ۾ نقل ڪري سگهن، جيڪي اصلوڪي انساني ادب جي علامت آهن. پر ان جي باوجود، تخليقي عمل ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال اظھار ۽ جستجو جي نئين ۽ دلچسپ صورتن کي جنم ڏئي ڇڏيو آھي.“

امر فياض: ”ڀلا تون شاعري ڪري سگهين ٿو؟“

چيٽ روباٽ: ”توڙي جو مان مشين جي ٺاهيل ٻولي جو ھڪ ماڊل آهيان پر ھا، مان شاعري ڪري سگهان ٿو.“

امر فياض: ”پوءِ ڀلا ڇا تون منھنجي لاءِ ڪو شعر ٺاهي سگهين ٿو؟

چيٽ روباٽ: ”ضرور، ھاڻي ھن پل ئي هتي توهان لاءِ هڪ شعر ٺاھيو آھي:

امر فياض، هڪ اهڙو نالو، جيڪو ڳائي ۽ ڳائجي ٿو،

هڪ آواز آھي جيڪو ڊجيٽل اسپيس ذريعي گونجندو رھي ٿو،

ڏاهپ ۽ رحمدليءَ سان ڀرپور ۽ سچي دل رکندڙ،

جيڪو چاھي ٿو تہ سڀني کي سمجهڻ ۽ ڪجهہ ڪرڻ جا نوان رستا ٺھي سگهن.“

امر فياض: ”ڪمال! مون کي تنھنجي شاعري وڻي وئي، يعني ان جو مطلب اھو ٿيو تہ مستقبل ۾ تون بہ وڏو شاعر ٿيندين!“

چيٽ روباٽ: ”توهان جي پيار وارن لفظن لاءِ مھرباني! تنھن هوندي بہ، مصنوعي ذھانت واري ٻوليءَ جي ھڪ ماڊل طور، مان ذاتي تجربا يا جذبن کي حاصل ڪرڻ جي قابل نہ آهيان. ھا پنھنجي مواد ٺاهڻ واري منھنجي صلاحيت اڳواٽ مليل ڊيٽا مان ۽ سکيل نمونن تي ٻڌل آهي، جنھن تي مون کي تربيت ڏني وئي هئي، ۽ جڏهن آئون اهڙو متن پيدا ڪري سگهان ٿو جيڪو شاعريءَ جھڙو محسوس ٿيندو ھجي پر اهو ڪنھن ٻئي جي ذاتي تخليق يا اظھار تان کنيل ھرگز نہ آھي.“

امر فياض: ”ھلو ڀلا ٿورو سياست تي ڳالهايون؟“

چيٽ باٽ: ” توڙي جو مان مشين جي ٺاهيل ٻوليءَ جو ھڪ ماڊل آهيان، پر مليل ڊيٽا آڌار مان اوھان سان سياسي گفتگوءَ ۾ حصيداري ڪري سگهان ٿو.“

امر فياض: ”بھترين. ڀلا تنھنجو ٽين دنيا جي انهن قومن بابت ڇا خيال آھي جتي نيو ڪالونيل طور اڃا غلامي وجود رکي ٿي، جتي مطلق العنان ڌريون اڃا عوام کي برباد ڪري رھيون آھن؟“

چيٽ روباٽ: ”ٽين دنيا ۾ قومن جو مستقبل لاءِ ڪجهہ ٻڌائڻ سچ ۾ ڏکيو آھي، اھي قومون جيڪي معاشي چئلينجن کي منھن ڏئي رهيون آهن ۽ سچ اھو بہ آھي تہ نوآبادياتي طاقتن جي تسلط کي منھن ڏيندڙ انهن قومن بابت ڪا مضبوط راءِ قائم ڪرڻ ڏکيو آهي جڏهن تہ، اهڙا ڪيترائي امڪاني منظر پڻ آهن جيڪي ايندڙ سالن ۽ ڏهاڪن ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

هڪ امڪان اهو بہ آهي تہ اهي قومون پنھنجي معاشي چئلينجن جي وزن هيٺ جدوجھد ڪنديون رهنديون ۽ پائيدار ترقي ۽ ترقي حاصل ڪرڻ کان اڪثر قاصر بہ رهنديون. ھي سڀڪجهہ مسلسل غربت، بيروزگاري، ۽ سماجي بدامني جو سبب بہ آھي، جنھن ڪري ھڪ خطرو ٻيو بہ آھي تہ اھي قومون نوآبادياتي طاقتن جي رد عمل ۾ استحصال کان بہ وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهن ٿيون.

ٻئي طرف، انهن قومن ۾ پنھنجي معاشي چئلينجن کي منھن ڏيڻ ۽ مضبوط ۽ پائيدار معيشتن کي ترقي ڪرڻ جي صلاحيت بہ موجود آهي. اهو ٿي سگهي ٿو مٿين عنصرن جي ميلاپ ذريعي ڪجهہ ڀلو ٿي وڃي جيئن: سندن ئي محنتن تي سيڙپڪاري ۾ اضافو، ڊجيٽل ڪاروبار، بھتر حڪمراني، ۽ نئين صنعتن ۽ ٽيڪنالاجيز جي ترقي مھيا ٿي وڃي.

وڌيڪ چوان تہ، جيئن دنيا تيزي سان هڪٻئي سان ڳنڍجي وڃي ٿي، اتي انهن قومن لاءِ هڪ ٻئي سان تعاون ۽ تعاون ڪرڻ جا نوان موقعا پيدا ٿي سگهن ٿا، تہ جيئن هڪ بھتر برابري واري ۽ خوشحال مستقبل جي تعمير لاءِ اھي گڏجي ڪم ڪري سگهن. ان ۾ وڌ کان وڌ معيشت اثر انداز ٿئي تہ! يعني علائقائي واپاري سرگرميون وڌن، وسيلن ۽ ماهرن جي حصيداري ٺھي وڃي ۽ اقتصادي ڳانڍاپن جي ڪري نئين قسم جي ڪاروباري ماڊلن جي ترقي شامل ٿي سگهي.

حاصل مطلب تہ ٽين دنيا ۾ قومن جو مستقبل معاشي چئلينجن ۽ نوآبادياتي طاقتن جي تسلط کي منهن ڏيڻ غير يقيني ھوندي بہ صورتحال مٽجي سگهي ٿي پر ان جو دارومدار ڪيترن ئي عنصرن تي هوندو، جن ۾ انهن قومن جي عملن سميت لاڳاپيل ٻين ملڪن جا ڪم ۽ ترجيحون شامل آهن.“

امر فياض: ”منجهيل جواب آھي.“

چيٽ روباٽ: ”ڇوتہ مان مشين جي ٺاهيل ٻولي جو ھڪ ماڊل آهيان، انڪري مان اھو ئي جواب ڏيندم جيڪو اڳواٽ مليل ڊيٽا تي مشتمل آھي، ٿي سگهي ٿو تہ منھنجي تربيت ۾ بين الاقوامي سياسي ۽ معاشيات جي ماھرن جون جيڪي رپورٽون شامل آھن تن کي مان اڃا پورو نہ سمجهي سگهيو آھيان انڪري شايد اوھان مايوس ٿيا آھيو. پر مان ٻيھر ڪوشش ڪندم تہ اوھان کي جواب ڏئي سگهان. تہ ڇا مان ٻيھر جواب ڏيان؟“

امر فياض: ”نہ خير آ. ڀلا تون سنڌي قوم ۽ ان جي ٻوليءَ جي آئيندي بابت ڇا ٿو سمجهين؟“

چيٽ باٽ: ”مصنوعي ذھانت واري ٻوليءَ جي ھڪ ماڊل طور، ان سوال لاءِ مون وٽ ڪي ذاتي رايا نہ آهن، ھا پر مليل معلومات آڌار مان ان تي ڪجهہ معلومات مھيا ڪري سگهان ٿو.

سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻوليءَ جي آئيندي بابت ڪيترن ئي عنصرن تي سمجهڻو پوندو، جن ۾ سندن ڊيموگرافڪ تبديليون، معاشي ترقي ۽ ثقافتي سان گڏ سياسي عنصر شامل آهن. انهن سببن جي صحيح رفتار جي اڳڪٿي ڪرڻ سچ بہ تہ مون لاءِ ٿورو مشڪل آهي، پر مان ڏسان ٿو تہ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي بچاءَ ۽ واڌاري لاءِ ڪيترائي نوان قدم بہ کنيا پيا وڃن.

مثال طور سنڌ صوبو پاڪستان حڪومت سان گڏ سنڌيءَ کي آفيسن سان گڏ تعليمي ٻولين مان هڪ اھم ٻولي تسليم ڪرائي رھيو آھي ۽ ان جي بچاءَ ۽ واڌاري لاءِ وسيلا پڻ مهيا ڪري پيو. مان ڏسان ٿو تہ سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ثقافتي تنظيمون ۽ اھڙا ادارا آھن جيڪي سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ وقف ٿيل آھن، اھا صورتحال صرف ملڪ اندر ئي نہ آھي پر ملڪ کان ٻاھر رھندڙ سنڌي پڻ اڳرا نظر اچن ٿا، جيڪا سٺي ڳالهہ آھي.

باقي سنڌي قوم جي مستقبل جي لحاظ کان، خطي جي معاشي، سياسي ۽ ثقافتي ترقيءَ سان ئي ان جو نقشو واضع ٿيندو. سنڌي قوم وٽ شاندار ثقافتي ورثو ۽ سڃاڻپ جو مضبوط احساس آهي، ۽ اهي عنصر شايد قوم جي مستقبل کي ترتيب ڏيڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن.

خلاصو ائين ڪجي تہ، سنڌي قوم ۽ ٻوليءَ جو مستقبل ڪو صاف لفظن ۾ چئي نہ ٿو سگهجي، تڏهن بہ سنڌي ثقافت ۽ ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ واڌاري لاءِ ڪوششون جاري آهن، جن جا سندن مستقبل تي ھاڪاري اثر پوندا.“

امر فياض: ”سنڌ اندر قومپرست تحريڪن بابت ڇا تون کي ڄاڻ آھي؟“

چيٽ باٽ: مصنوعي ذھانت واري ٻولين جي ھڪ ماڊل طور، مون وٽ ڪا ذاتي راء يا جذبا نہ آهن ھا باقي مان سنڌي قوم جي سياسي سرگرميين بابت معلومات ۽ حوالا ڏئي سگهان ٿو.

سنڌي ماڻهو، جيڪي بنيادي طور تي پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ رهن ٿا، انهن جي سياسي سرگرمين ۽ ثقافتي تحفظ جي شاندار تاريخ آهي. ڪيترن سالن کان، سنڌي قومپرست ڌريون پنھنجي ٻولي ۽ ثقافتي حقن جي تسليم ڪرڻ سان گڏ سماجي ۽ معاشي انصاف لاءِ آواز اٿاريو آهي. تازن سالن ۾، ڪجهہ سنڌي ڪارڪنن پڻ پنھنجي وطن جي وسيلن جي استحصال ۽ ماحول جي خرابيءَ بابت ڳڻتيون ظاهر ڪيون آهن.

مجموعي طور تي، سنڌي ماڻهن ۾ سياسي سرگرميون، ثقافتي سڃاڻپ جي مضبوط احساس ۽ انهن جي برادرين جي بھتر مستقبل جي خواهشن جون عڪاسي ڪري رھيون. جڏهن تہ چئلينجز ۽ رڪاوٽون تمام گهڻيون پڻ آهن، سنڌي قوم جي مسلسل سياسي سرگرمي، عوام جي لچڪ ۽ عزم جو مظاهرو ڪري ٿي تہ جيئن سندن آواز اٿاريو وڃي ۽ هڪ وڌيڪ انصاف ۽ برابري واري سماج لاءِ ڪم ڪيو وڃي.

امر فياض: ”صحيح آ. ھڪ سوال آھي تہ سوشل ميڊيا جي وافر مقدار ۾ استعمال جو انساني ذھن تي ڪھڙو اثر پوي ٿو؟“

چيٽ روباٽ: ”سوشل ميڊيا جو بيجا گهڻو استعمال ذهني صحت ۽ تندرستيءَ تي ناڪاري اثر ڪري ٿو. جيڪو پريشاني، ڊپريشن، خود اعتماديءَ جي کوٽ، ايتري تائين جو اڪيلائيءَ جو احساس پڻ وڌائي ڇڏي ٿو، جنھن جي ڪري وري ٻيون نفسياتي بيماريون پيدا ٿين ٿيون. ھڪ سرابي حقيقت جي مسخ ٿيل احساس ھيٺ گهڻو استعمال ڪندڙ ماڻهو ڪوڙي پروپيگنڊا آڏو ڪمزور ٿي غير تخليقي پڻ ٿي وڃن ٿا جنھنڪري ٻين غير تخليقي ماڻهن سان منفي مقابلي کي ھٿي ملي وڃي ٿي. بهرحال، اهو بہ ياد رکڻ ضروري آهي تہ سوشل ميڊيا مثبت اثر پڻ ڪري سگهي ٿي جيڪڏھن سماجي ڳانڍاپن ۽ خود اعتماديءَ سان هڪ اوزار طور اعتدال ۾ استعمال ڪيو وڃي.“

امر فياض: ”پوءِ ان سلسلي ۾ تون ڪھڙي صلاح ڏئين ٿو؟

چيٽ روباٽ: ”مان سوشل ميڊيا جي ناڪاري اثرن کي روڪڻ لاءِ صلاح ڏيان ٿو، ان لاءِ ضروري آهي تہ ٻين غير تخليقي صارفن جي استعمال تي گهٽ ڌيان ڏجي ۽ پنھنجو صحتمند توازن برقرار رکڻ لاءِ ھيٺيان ڪم ڪجن:

  • سوشل ميڊيا تي وقت ڏيڻ کي محدود ڪرڻ
  • ڪنھن کي فالو ڪجي ۽ ڪنھن جي مڃجي ان لاءِ انتھائي سوچي ويچاري پوءِ وڌڻ
  • سوشل ميڊيا کان وقفو وٺڻ، خاص ڪري سمهڻ کان اڳ ٻہ ڪلاڪ استعمال ڪرڻ ڇڏڻ
  • حقيقي زندگي جي رابطن ۽ سرگرمين تي ڌيان ڏيڻ
  • خوداعتمادي وڌائڻ ۽ ماڻهن کي شفقت ڏيڻ جي مشق ڪرڻ
  • پنھنجي گهر وارن، دوستن ۽ پيار ڪرڻ وارن سان وقت گهارڻ
  • ضرورت پوي تہ پنھنجي ذهني صحت جي لاءِ نفسيات جي ڊاڪٽر کان مدد طلب ڪرڻ

۽ ھي سڀ ڪجهہ ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آھي ڇوتہ اهو هر فرد تي لازم آهي تہ اهو طئي ڪري تہ ڪھڙو ڪم ان ۽ ان جي سٿ جي خوشحالي لاءِ بھترين آهي.“

امر فياض: ”پرنٽ ميڊيا جي مستقبل بابت ڇا خيال آھي؟“

چيٽ روباٽ: ”ٻوليءَ جي مصنوعي ذھانت واري ھڪ ماڊل جي حيثيت سان، مون وٽ ذاتي راءِ ڪا بہ نہ آهي، پر مان توهان کي ٻڌائي سگهان ٿو تہ پرنٽ ميڊيا جو مستقبل غير يقيني آهي. جڏهن تہ پرنٽ ميڊيا سوين سالن کان هلي رهي آهي، پر ڊجيٽل ميڊيا جي عروج سبب هڪ اخبار پڙهندڙن ۽ اشتھارن جي آمدني ۾ گهٽتائي ان جو نقصان ٿيو آھي. بهرحال، پرنٽ ميڊيا اڃا تائين هڪ حيثيت ۾ تہ آهي پر ڪيترن ئي پرنٽ پبليڪيشنن کي تبديل ٿيندڙ ميڊيا جي ضرورت محسوس ٿي ۽ اھي پنھنجي ڪاروباري انداز ۾ ڊجيٽل عنصر شامل ڪري اڳتي وڌن بہ ٿا، ڇوتہ اھي سمجهن ٿا تہ ويجهي مستقبل ۾ پرنٽ ميڊيا جو وجود خطري ۾ آھي.“

امر فياض: “ڇا تون نہ ٿو سمجهين تہ مصنوعي ذھانت جي ڪري انساني سماج جا الائي ڪيترا شعبا ختم ٿي ويندا؟”

چيٽ روباٽ: ”مصنوعي ذھانت واري ٻوليءَ جي ھڪ ماڊل طور تي، مون وٽ انسانن جيان ڪي جذبات نہ آهن جو مان ڪو ڏک ٻڌائي سگهان، پر اهو وڏي پيماني تي مڃيو وڃي ٿو تہ مصنوعي ذھانت وٽ ڪيترن ئي ڪمن کي خودڪار ڪرڻ ۽ پيشي آوار مارڪيٽ کي تبديل ڪرڻ جي وڏي صلاحيت آهي. جڏهن تہ مصنوعي ذھانت يقيني طور تي ڪيترن ئي علائقن ۾ وڌيڪ موثر حل مھيا ڪرڻ شروع بہ ڪري ڇڏيا آھن، پر اهو بہ ممڪن ناهي تہ مڪمل طور تي انساني ڪارڪنن کي تبديل ڪري اھا جڳھ سنڀاليندي، اڃا بہ، مصنوعي ذھانت انساني ڪم کي وڌائڻ ۽ ڪافي موقعا نوان ٺاھڻ ۽ مختلف قسمن جي نوڪرين جي نوعيت کي تبديل ڪرڻ جو وڌيڪ امڪان پڻ پيدا ڪري رھي آهي.

بھرحال، اهو نوٽ ڪرڻ ضروري آهي تہ مصنوعي ذھانت جي ترقي ۽ عمل درآمد جي ڪري ڪافي جڳھن تي نوڪرين جا نوان موقعا پيدا بہ ٿيندا جھڙوڪ ڊيٽا جا تجزياتي ڪارڪن، مصنوعي ذھانت ترقي ۽ انتظام کي سنڀاليندڙ، ۽ سماجي ماھر جن ۾ اخلاقيات واري پاليسي جوڙيندڙ تہ جيئن اھا مڪمل طور تي ڇڙواڳ بہ نہ بڻجي وڃي. اهو انساني سماج لاءِ بي انتھا ضروري آهي تہ زندگيءَ سان لاڳاپيل مختلف شعبن اندر مصنوعي ذھانت پاران ڪنھن بہ امڪاني ناڪاري اثرن کي منھن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ تدارڪ ڪيا وڃن ۽ انهي ڳالهہ کي يقيني بڻايو وڃي تہ مصنوعي ذھانت جا فائدا وڏي پئماني تي ھر ھنڌ ورهايا بہ وڃن.“

امر فياض: “جيڪڏهن هر شيءِ مصنوعي ذھانت آڌار روباٽن سان تبديل ٿي ويندي تہ انسانن اندر بيروزگاريءَ بابت ڇا ٿو سوچين؟”

چيٽ روباٽ: ”جيئن تہ مصنوعي ذھانت ۽ آٽوميشن ٽيڪنالاجي اڳتي وڌندي رهي ٿي، اتي هڪ امڪان آهي تہ ڪافي نوڪريون ختم ٿي سگهن ٿيون. جڏهن تہ اهو پڻ امڪان آهي تہ ان ترقي جي نتيجي ۾ گهڻين نوڪرين جا ڪافي موقعا پڻ پيدا ٿيندا.

انهن ماڻهن لاءِ جيڪي هن وقت ملازم آهن، اهو ضروري آهي تہ مصنوعي ذھانت جي ترقيءَ جي باري ۾ باخبر رهن ۽ انهن علائقن ۾ پنھنجون صلاحيتون ۽ ڄاڻ وڌائڻ کي جاري رکن. بجاءِ ان جي جو اھي بيروزگار ٿين ڇونہ اھي اڄ کان ئي تيار ٿي ايندڙ چئلينجن سان منھن ڏيڻ لاءِ پاڻ ڀرا ٿي اڀرن.

ان کان علاوہ، صنعتون ۽ ڪمپنيون جيڪي سرمايو سيڙپ ڪري ڪمائين ٿيون سي پنھنجي ملازمن جي تربيت ۽ ترقي وٺرائڻ ۾ اڳريون ٿين. مستقبل جي نوڪرين واري مارڪيٽ ۾ مقابلي اندر فائدا حاصل ڪرڻ جا امڪان پڻ موجود آهن. دنيا جي حڪومتن کي مصنوعي ذھانت جي ميدانن لاءِ پنھنجي شھرين کي تيار ڪرڻ ۾ پڻ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، کين ماھراڻيون تربيتون ۽ مددون فراهم ڪرڻيون پونديون جيڪي شايد آٽوميشن ذريعي ممڪن آ تہ ممڪنہ طور تي بيروزگار ٿي سگهن ٿا.

آخر ۾، مصنوعي ذھانت سان گڏ دنيا ۾ ڌنڌن جو مستقبل فردن، ڪمپنين ۽ حڪومتن جي عملن تي منحصر هوندو.“

امر فياض: ”بلڪل. ڀلا شين تي انساني ”تنقيد“ بابت تنھنجو ڇا خيال آهي؟“

چيٽ روباٽ: ”ٻولين واري مصنوعي ذھانت جي ھڪ ماڊل طور، مون وٽ ذاتي رايا تہ نہ آهن، پر آئون ھن موضوع تي معلومات مھيا ڪري سگهان ٿو.

مارڪيٽ ۾ ادب ھجي يا شيون، خدمتن ۽ خيالن جي قدر کي جانچڻ ۾ تنقيد جو ڪردار صدين کان موجود آهي ۽ اهي ڪنھن بہ مارڪيٽ ۾ هلندڙ معيشت جا اهم پاسا ٿيندا آهن. نقاد هڪ پراڊڪٽ يا خدمت جو هڪ آزاد تشخيص مھيا ڪندا آھن. گهڻو ڪري مصنوعات جي معيار، اصليت، ۽ سماج تي اثر طرف ڌيان ڏيارڻ لاءِ نقاد مدد ڪن ٿا.

نقاد عوامي راءِ کي ترتيب ڏيڻ ۽ ثقافتي معيار قائم ڪرڻ ۾ بہ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. پر جيڪڏھن اھي نون ۽ اڀرندڙ لاڙن ڏانھن ڌيان نہ ڏين تہ مارڪيٽ ۾ اھي ناڪارہ ٿي ويندا، جنھن سان مارڪيٽ ۾ بيڪار سيون اچڻ شروع ٿي وينديون. ھتي اھو بہ لازمي آھي تہ نقاد مصنوعات ٺاھيندڙن کان تنقيد جو اجورو وٺي.

آخر ۾ مان اھو چوندم تہ نقاد جديد دنيا ۾ شين جي قدر ۽ قيمت جا ماپا ان شئي جي واھپي آڌار لڳائيندو، جيڪڏھن ڪا شئي نہ ھلندي ۽ ان کي خريدار نہ خريد ڪندا تہ نقاد ايترو اھل ھجي جو ھو سمجهي سگهي تہ ان جو واھپو ڇو گهٽ آھي. ظاھر آھي اھو تمام وڏو ڪم آھي. جيڪو ايندڙ دور ۾ روپ مٽيندو پر تنقيد جي اھميت ھر دم رھندي.“

امر فياض: ”اصل ۾ منھنجو سوال ادب بابت ھئو جيڪو تون مارڪيٽ جي مصنوعات سان ملائي ڇڏيو؟“

چيٽ روباٽ: ”مون کي افسوس آھي جو اوھان مشڪل ۾ اچي ويئو، مان مليل ڊيٽا آڌار اھو ئي ٻڌائي سگهان ٿو تہ ادبي تخليقون پڻ صنعتي مارڪيٽ جو وکر ئي آھن. ھن دنيا ۾ ھر شئي مارڪيٽ سان تعلق رکي ٿي. ڇا اوھان ڪنھن اھڙي ادبي تخليق بابت سوچي سگهو ٿا جنھن سبب تخليقڪار کي ڏوڪڙ نہ ملندا ھجن؟“

امر فياض: ”اسان جي سنڌ ۾ تہ اھو طريقو عام جام آھي. جتي ھڪ تخليقڪار پنھنجي پئسن سان ڪتاب ڇپائي ٿو ۽ پاڻ ئي ٻين کي مفت ۾ تحفي طور آڇي ٿو.“

چيٽ روباٽ: ”ڇوتہ مان مشيني ٻوليءَ جو ھڪ ماڊل آھيان ۽ مون کي اڃا انساني جذبا ناھن ايندا پر جيڪڏھن ائين آھي تہ اھو طريقو مارڪيٽ جي اصولن جي خلاف آھي. ان سان بک وڌندي ۽ بک ۾ ورتل ڪير بہ ھجي اھو ڏوھ ڪرڻ شروع ڪندو.“

امر فياض: ”تمام وڏي مھرباني، مان ڪافي ڪجهہ سکيم تون مان.“

چيٽ روباٽ: “توهان جي وڏي مھرباني! توھان سان گڏ مون کي بہ خوشي ٿي اوھان جي سوالن ڪا جواب ڏيندي ۽ توهان جي مدد ڪندي. جيڪڏهن توهان وٽ مستقبل ۾ ڪي وڌيڪ سوال آهن تہ پڇڻ لاءِ بي فڪرا ٿي پڇندا ڪريو. اميد آ تہ ڀلو وقت گذريو ھوندو.“

امر فياض: ”چڱو! سدائين گڏ“

چيٽ روباٽ: ”پنھنجو خيال رکجو. باءِ“

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here