مٺي ميونسيپل چيئرمين جي وي اين ايس جي رپورٽر سان بدتميزي، آفيس کان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو

0
382

مٺي رپورٽ

مٺي ميونسيپل چيئرمين جو وي اين لائيو جي عيوضي سان بتميزي وارو رويو ۽ آفيس کان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو۔
ياد رھي ته ميونسيپل چيئرمين سياسي سطح تي مٺي شھر ۾ ڪم ڪرائي رھيو ھيو جنھن جون خبرون وي اين ايس لائو تي وقتن به وقتن ھلنديون رھيون ھيون جنھن تي گرم ٿي آفيس کان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو۔

چيئرمين ايم اين اي جو ڀائٽو ھجڻ جي ڪري پنھنجي من مستين سان ٺيڪا ڏيئي رھيو آھي ۽ پنھنجي ذاتي پلاٽن ھجڻ جي ڪري انھن جڳھين تي روڊ ٺھرائي رھيو آھي جن جون خبرون ايڪسپوز ڪرڻ تي ڏمرجي بتميزي وارو رويو اختيار ڪري صحافي جنيد آزاد کي آفيس مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو۔

ميونسيپل ڪميٽي جا ٺيڪا پنھنجا نوازي تحت پنھنجن ماڻھن کي ڏيئي رھيو آھي ۽ شھر ۾ سياسي ڇاڙتن جي جڳھين ۽ ھلندڙ ڪمن تي ميونسيپل ڪميٽي جو پاڻي جو ٽييڪٽر ذاتي بنياد تي استعمال ڪري آھي جنھن جون خبرون بغير ڪنھن ذاتيات ۽ فرق جي وي اين ايس ھلايون آھن انڪري ڏمرجي وي اين ايس جي ڪرينسپاڊنٽ کي داٻا ڏيئي آفيس مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو. سياست جي آڙ ۾ ذاتيات جي بنيادن تي شھر جي ڪمن, ٺيڪن ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن پئي ڪئي وڃي جنھن جا چٽا ثبوت تصويرن ۾ موجود آھن۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here