وڳڻ پوليس جي ڪاروائي، منشيات فروش گرفتار

0
238

وڳڻ رپوٽ: حسن علي مغيري

وڳڻ پوليس جي دبنگ ڪاروائي ٻئن منشيات فروش سرفراز عرف پپي پنهور ۽ چنگيز چانڊيو کي منشيات سميت گرفتار ڪري ورتو، ايس ايڇ او وڳڻ صادق عباسي پهنجي پوليس نفري سان گڏ گشت ڪري رهيو هيو تہ اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او پهنجي پوليس نفري ساڻ ڪري منشيات فروشن تي ڇاپو هنيو ۽ سرفراز عرف پپي پنهور کي 500 گرام چرس ۽ ٻيو جوابدار چنگيز چانڊيو کي 6 بوتلون شراب سميت گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو۔

ٻنهي جوابدارن مٿان منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ھوڏانهن ايس ايڇ او وڳڻ صادق علي عباسي صحافين کي تفصيل ٻڌائندي چيو ته وڳڻ شھر اندر سماج دشمنن خلاف ڪاروائي تيز ڪري ڇڏيو آھي منشيات فروشن نوجوانن جي زندگين کي ختم ڪري ڇڏيو آهي هاڻي انهن منشيات فروشن جو اسان گهيرو تنگ ڪري چڏينداسين۔

منشيات هلائندڙن کي گرفتار ڪري قانون جي پڪڙ ۾ آندو ويندو ايس ايڇ او وڳڻ صادق علي عباسي وڌيڪ اهيو به چيو تہ اسان پوليس وارن جو فرض آھي ته اسان عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪيون ۽ جيڪي سماج دشمن آھن منشيات فروش اهئي هاڻي پاڻ کي بچائڻ جي لا۽ مختلف رستا ڳولهي رهيا آھن۔

پر اسان انهن منشيات فروشن جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏينداسين ۽ هر حال ۾ انهن کي گرفتار ڪري پهنجي علائقي جي ننڊي نسل کي تباھ ٿيڻ کان بچائنداسين ايس ايڇ او وڳڻ صادق علي عباسي جو اهيو به چوڻ هيو تہ وڳڻ شھر جي اندر منشيات هلائندڙ پاڻ کي پاڻ قانون جي حوالي ڪري ڇڏين نت اسان انهن منشيات فروشن کي گرفتار ڪري عوام اڳيان آڻينداسين وڳڻ جا شھري پوليس سان تعاون ڪن ته جئين اسان وڳڻ شھر مان منشيات جو صفايو ڪيون۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here