آمريڪا ۽ پاڪستان پاران ڪرونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل طور تي سنڌ ۾ ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول سينٽر قائم

0
223
USA Pakistan

ڪراچي: آمريڪي حڪومت صوبي ۾ ڪروناوبا کي منهن ڏيڻ لاءِ يو ايس ايڊ جي ذريعي هڪ جديد سهولتن واري ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول سينٽر قائم ڪري سنڌ جي صحت کاتي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي۔ ان سلسلي ۾ منعقد ڪيل هڪ نيم ورچوئل تقريب ۾ سنڌ جي صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذره فضل پيچوهو ۽ يو ايس ايڊ جي سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبائي ڊائريڪٽر جيمز پيريز شرڪت ڪئي۔

پاڪستاني حڪومت طرفان ڪروناوائرس جي وبا سميت ٻين وچڙندڙ بيمارين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيل اُپائن کي هٿي ڏيڻ لاءِ يو ايس ايڊ چئني صوبن ۽ ٻن ريجنز جي صحت سيڪريٽيريئٽ ۾ ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ وفاق ۽ صوبن جي صحت کاتن سان ڀائيواري ڪندي. سنڌ ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول سينٽر جي ٺهڻ سان موجوده حالتن ۾ ڪرونا وبا ۽ ايندڙ وقتن ۾ عوامي صحت سان لاڳاپيل ٻين خطرن جي بهتر نگراني ۽ فيصلا سازي ڪرڻ ممڪن ٿي سگھندو۔

ان موقعي تي يو ايس ايڊ جي سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبائي ڊائريڪٽر جيمز پيريز چيو ته ”ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول سينٽر بهتر حڪمت عملي ۽ پاليسي سطح تي رهنمائي مهيا ڪندو جنهن جي مدد سان وچڙندڙ بيمارين جي روڪ، انهن جو وقت سر پتو لڳائڻ ۽ واسطيدار کاتن کي انهن بابت آگاهه ڪرڻ ممڪن ٿيندو، ڪروناوائرس خلاف ڪيل گڏيل اُپاءُ ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته سنڌ صوبي ۾صحت جون بنيادي ضروري خدمتون مهيا ڪري زندگيون بچائڻ واري مقصد ۾ اسان سنڌ حڪومت سان گڏ آهيون۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here