ڀائي خان بجير
ڪو وقت هو جو هٿ جي هنر ۾ پاڪستان / سنڌ جو شايد ئي ڪو علائقو ٿرپارڪر جھڙو هو، ٿر جا ماهر ڪاريگر ڪاٺ، مٽي، چمڙو، ڏاس ۽ ان / پشم مان مختلف شيون ٺاهيندا هئا، اهي سڀ شيون ڪنهن ڪاروبار يا ناڻو ڪمائڻ لاء نه پر عزيزن، دوستن ۽ پاڙيسرين جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاء ٺاهيندا هئا۔ ٿر جي هر وڏي ڳوٺ شھر ۾ مختلف هنر وارن جهڙوڪ واڍو ، رازو، موچي، ڪنڀار، حجام ،فقير جو هڪ ٻه گهر ضرور هئا۔ جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ هنرمند جي ضرورت پوندي هئي ته ٻئي ڳوٺ مان منٿ ميڙ ڪري وٺي ايندا هئاپوء جي راضي ٿي رهي پيو ته ٺيڪ نه ته اناج يا ڍڳي ٻڪري ڏيئي مڃائي ڳوٺ ڇڏي اچبو هو ڳوٺن ۾ اهڙن ماهرن کي ڪسبي ڪري سڏيو ويندو هو۔ ڪسب عربي جو لفظ آھي جنهن جي معني پورهيو/پورهيت آھي پر اسان جي سماج ان کي بگاڙي بکاري يا پينو جي معني ڏيئي ڇڏي ۽ فن جو قدر به گهٽجڻ لڳو ڇو ته مشينن جي اچڻ ڪري اهي شيون سستيون ٿي ويون جڏهن هٿ سان ٺاهيل شيون گهڻيون مهانگيون ٿي ويون .ان ڪري جو مشينن معيار جي بجاء مقدار وڌايو ۽ لاڳت به گهٽجي ويئي. ٻي پاسي هٿ سان ٺهندڙ شيون گهڻو وقت طلب هيون سو مزدوري وڌيڪ ٿي لڳي ايئن ماهرن جي روزي تي مشينن اچي لت ڏني۔
ماهرن جي ڪم ڪار جي هنڌ کي دکاڻ، آڏاڻو، کاتروڙ جهڙا نالا هئا.سج اڀري کان لٿي ۽ رات دير تائين ڳوٺاڻا کاتروڙن تي ڪچھريون مچايو ويٺا هوندا هئا. ڪاريگر پنهنجي ڪم ۾ جنبيل رهندا هئا ڪنهن ڳالھ تي رهي رهي هون هان پيا ڪندا هئا، هر ٻيو ماڻھو ٻڪرين جي جٽ/ڏاس جا ويڙھا ٻانهن ۾ وجهيو ڪتي ڍيرا ٺاهيندو هو۔
پشم يا ان ڪتڻ لاء هر گهر ۾ ائٽ /ارٽ تي وڏي عمر جو عورتون ان کي ڦلوري ٻڙا ٺاهي ڪتينديون هيون .پشم جي ٻڙي کي ٽڪ جي ڇيڙي تي ويڙھي ائٽ گهمائڻ سان ڌاڳو ٺهندو هو.ڪاتاريون ان ڌاڳي کي اوترو ڊگهو ڪنديون هيون جيتري انهن جي ٻانهن ڊگهي هوندي هئي۔
وري ابتو ارٽ گهمائي ان ڌاڳي کي جڏهن ٽڪ تي ويڙهينديون هيون اهو اسٽائل ڏسڻ وٽان هوندو هو .مالدار ماڻھن جي گهرن ۾ ائٽ ضرور هوندو هو .ڪٿي ڪٿي ته ٽي ٽي چار چار ائٽ گڏ رکي ڪاتاريون گڏ ويهي ڪتينديون هيون ته جيئن ڪم کي تڪڙو به اڪلائين ته پاڻ ۾ لهواريون اوڀاريون به ڪن. نوجوان ڇوڪريون/عورتون انهن کي ٻڙا ٺاهي ڏينديون هيون۔ چانڊوڪي راتين ۾ اهو ڪم گهڻو ڪري رات جي ماني بعد شروع ٿيندو هو ۽ ڪافي رات تائين جاري رهندو هو۔ اتان پشم جو ڌاڳو تيار ٿيو ته ٻي پاسي اهو اوبرن تي ويڙھجڻ لڳندو هو. پوء ضرورت پٽاندر ان کي مختلف رنگ ڏيئي سڪائي کٿا ٺاهڻ وارن ڪاريگرن جي آڏاڻي تي پهچايو ويندو هو۔ ان وقت اوني ڪپڙي مان پائڻ جا ڪوٽ به تيار ٿيندا هئا ته کٿو گوڏ ۽ ڀري لاء به استعمال ٿيندو هو.کٿا ايترا سٺا ۽ پائدار ٺھندا هئا جو برسات ۾ اوڍڻ سان ڪپڙا به نه پسندا هئا. سياري ۾ ڪيڏو به سي هجي جي ٿر جو ڪنٻڙيو ڪلهي تي هوندو ته سي جي پرواه نه هوندي هئي۔
ٿر پارڪر ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ کٿا تيار ڪرڻ جو رواج هو پر سوري جو تڙ ۽ سوجاويري جا ڪاريگر گهڻو مشھور هئا، انهن وٽ چمڙي ۽ اڻائي جو ڪم اعلي پايي جو هو. چمڙي جا سليپر /موجيون ۽ ليڊيز جتيون اعلي پائي جون تيار ٿينديون هيون. پشم مان لويون، کٿا ۽ ٻڪرين جي ڏاس مان کرڙ جيروئي ٻوريون چونڪ ٻورا ۽ جالنگ ٻورا به اعلي قسم جا تيار ٿيندا هئا۔ آڏاڻن کاتروڙن يا دکاڻن تي ڪم وارا بنا ڪم وارا چويھ ڪلاڪ موجود رهندا هئا، اهي ڪسبي ماهر ڪاريگر يا فنڪار هرڪنهن جي عزت ڪنداهئا ان جي بدلي ڳوٺ جو ننڍو وڏو انهن جي عزت ڪندو هو. انهن جي مال جي سنڀال يا ٻني ٻاري جي سنڀال ڳوٺاڻن تي هئي . ٻني ته گهڻو ڪري پوکيندا به نه هئا جي ڪو ٽڪر پوکبو هو ته به ڳوٺاڻا ڇيڙ ڪري پوکي ڏيندا هئا، گاھ ڪڍڻ يا لابارو به ڳوٺاڻن جي ذمي هو اهي ماهر صرف پنهنجي ڪرت ۾ مصروف هوندا هئا.کيس فڪر هوندو هو ته ڪنهن ضرورت مند جي شيء وقت تي تيار نه ٿي سگهي ته ان جي ميار اچي ويندي۔
اهي ڪسبي ڳوٺاڻن جا نه نبرڻ جهڙا مسئلا حل ڪري وٺندا هئا ڇو ته اهي ڪنهن جي ڌر بنجڻ بجاء حق جي ڳالھ ڪندا هئا. ڳوٺ جو ڪو به فرد انهن جي ڳالھ نه موٽائيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺاڻن جي پاڻ ۾ اڻبڻت ٿي ويندي هئي يا ڏيتي ليتي يا گهرومسئلن سبب ناچاڪي ٿي پوندي هئي ته اهي ڪسبي ٻنهي ڌرين کي پاڻ ۾ کير کنڊ ڪري ڇڏيندا هئا .ڇو ته انهن جي ڌڻيڪن ۾ بي انتها حجت هوندي هئي سڀ ماڻھو کين پنهنجي اولاد کان وڌيڪ ڀانئيندا هئا.اڃان ڊالڊا جو واهپو نه هو سو ڌرميلن ۾ ڌوڙ وجهڻ وارو نسل پيدا نہ ٿيو ھو۔
ڇا ته ڳوٺاڻو ماحول هو
ڇا ته ڳوٺاڻن جي پاڻ ۾ محبت هئي
ڇا ته مائٽن بزرگن جي عزت هئي
مجال جو ڪير گهٽي مان مٿي اگهاڙو گذري
ڪنهن وڏي کي سامهون ورندي ڏيڻ جي جرئت ڪري
نوجوان يا ته وڏن جي ڪچھري ۾ ويهندا ڪونه هئا جي ويهندا هئا ته صرف ٻڌندا هئا ڳالهائيندا ڪونه هئا ڇا ته سادگي هئي، چانھ سگريٽ جو واهپو ابتدائي مرحلن ۾ ھو، ڪي چند وڏي عمر جا بزرگ چانھ جو ڪوپ سو به صبح ۽ شام جو پيئندا هئا، جي نه مليو ته به خير هو اڄ جي ٽيھي وانگر ڪنهن به ڪڏهن ايئن نه چيو ته چانھ ۽ سگريٽ نه مليو ته جهنگ جو خيال به نه ايندو حقي ۽ چلم يا ڀونگري جو رواج گهڻو هو ٿورو گهڻو آفيم سو به ڪي پيرسن نوجوانن کان لڪائي استعمال ڪندا هئا۔
سماج جي سڀني طبقن ۾ ڪنڀار جي وڏي عزت هئي، ڇو ته جست جو استعمال عام نه هوٿورو ڪجھ ڪنجهي ۽ ٽامي جي برتن جو رواج هو پر اهو ايترو عام نه هو هرگهر ۾ مٽي جي ٿانون جو رواج هو، گهرن ۾ استعمال لاء پاڻي جمع ڪرڻ يا گرمين ۾ پاڻي ٿڌي ڪرڻ لاء ڪورا دلا گهاگهر مٽ ناديون، کير ولوڙڻ لاء ماٽيون ماٽلا ،لسي رکڻ لاء ڪنا ڪنڙا لوٽيون اٽي گنڌڻ / ڳوهڻ لاء سڻڪ تباق پاٽ ھٿ ڌوئڻ لاءڪريون ڪرا، ببوئيون ،ماني پچائڻ لاء دانگيون پاڻي يا لسي پيئڻ لاء گلاس جمنا ڪوپ ساسرون اٽي رکڻ لاء تسيا / ڪونڊا ۽ مال کي آھر ڏيڻ لاء ڪونڊيون ۽ لاتعداد قسم جا برتن تيار ڪرڻ لاء وڏي محنت ۽ مشقت ڪرڻي پوندي هئي.ڪنڀر کي پري پري کان مختلف قسمن جي مٽي آڻي ان کي ملائي پوء پسائڻ کان ڳوهي چڪ تائين پهچائڻ لاء مختلف مرحلن مان گذاريو ويندو هو. سال ۾ ٻه ڀيرا برتن تيار ٿيندا هئا، گهڻا ماڻھو اونهاري ۾ تيار ڪيل دلا وڌيڪ پسند ڪندا هئا۔شايد انهن ۾ پاڻي ٿڌو ڪرڻ جي گنجائش وڌيڪ هجي ٿي۔
ٿر ۾ خوبصورتي جي لحاظ کان ڳوٺ مهاڙئي جي ڪنڀارن جا ٿانو گهڻو واکاڻيا ويندا هئا پر پاڻي ٿڌو ڪرڻ ۽ مضبوطي ۾ جوڳي مڙھي ۽ اسلامڪوٽ جي ڪاريگرن جو ڪو ثاني نه هو. خصوصن اسلامڪوٽ جون دانگيون انتهائي پائيدار هيون. دانگين جي تمام گهڻي ضرورت پوندي هئي ان ڪري ڪاريگرن کي دانگين جو ذخيرو ڪري رکڻو پوندو هو. ڇو ته ڪنڀار جي گهران دانگي نه ملي ته ڪهاوت هيٺ اچي وڃي۔
”هن جي گهر ۾ ته دانگي به ناهي“
اڄ سائين مبارڪ ڪاڪي ڪنبير ڪاڪي ڪنڊي ۽ ٻين جون تصويرون شيئر ڪري مونکي مرحوم هندال جي ياد ڏياري ڇڏي. آئون چوٿين يا پنجين درجي ۾ پڙھندو هئس. هندال صرف اسان جي خاندان جي اٺ ڏھ گهرن کي سال ۾ ٻه ڀيرا ٽنگڙو ٽنگڙو ٿانو پهچائي ويندو هو. ان جي بدلي ۾ هر ڀيري مڻ ٻاجهر گهر پهچائي ڏيندا هئاسين يا پاڻ کڻي ويندو هو. کيس اٺ ڏھ مڻ اناج ملي ويندو هو.بابا چوندو هو ته اسلامڪوٽ جي سڀني ڪنڀارن ۾ھندال جي جوڙ جو ڪو ڪاريگر ناهي. شايد 1977 جو سال هو هندال گذاري ويو. ان سال اسان کي برتن نه مليا . هندال جو ڀاء ڪاڪو ڪنڊو شايد ملازم هو يا اهو ڪم نه ڪندو هو (اڄ ڪاڪي ڪنڊي کي ڪچن برتنن سان گڏ ڏسي خوشي ٿي ته کيس اهو فن به اچي ٿو ورنه ڪاڪي ڪنڊي جي سڃاڻپ بهترين بورچي جي آھي سڄو ٿر کيس سٺي بورچي طور سڃاڻي ٿو)
سو پنهنجي سوٽ مرحوم منٺار کي چيائين ته حسيناڻين کي ٿانو پهچائي ڏي. ان کانپوء مرحوم منٺار کان ٿانو ملندا رهيا. اهو اتفاق هو يا هن خاندان ۾ ڏاهپ هئي .اسلام ڪوٽ اڄ تائين ساجناڻين جي مقابلي جو ڪاريگر پيدا نه ڪري سگهيو آھي مرحوم منٺار اسان جي شادي ۾ چار مٽ ٺاهي ڏنا ھئا . مٽ ايترا ته خوبصورت ۽ وڏا هئا جو هر مٽ ۾ پکال پاڻي جي گنجائش هئي جنهن به ماڻھو اهي مٽ ڏٺا ٿي ته حيرت ۾ ٿي پئجي ويو هيڏا وڏا مٽ چڪ تي ڪيئن سنڀالي ۽ ٺاهي سگهيو اهو ڪاريگر ڪٿي جو آھ ؟ هڪ مٽ مون اسلامڪوٽ جي جڳھ ۾ رکيو برسات جي موسم ۾ غلطي سان ٻاهر رهجي ويو ڪنهن ٺري ٺاهڻ واري جي نظر پئي سو اک جهلي کڻي ويو. پڇا به ڪئيسون پر پتو نه پيو سال کانپوء ڪنهن دوست ٻڌايو ته اهو مٽ هن هڪ ٺري جي بٺي واري وٽ ڏٺو هو بهرحال بجاء وڌيڪ پڇا ڪرڻ جي مون ان کي وساري ڇڏيو ڪاڪو منٺار گذريل سال موڪلائي ويو الله پاڪ جنت ۾ مٿانهون مقام عطا ڪري. هاڻي ڪاڪي جو فرزند خيرمحمد آھي ته انتهائي ڪريگر پر کيس اهڙي ڪا چوٽ لڳي آھ جو فن به وسري ويو آھ .سدائين ٻڏو پيو آھ شال سنئين رستي تي اچي ۽ مائٽاڻي فن کي سنڀالي هاڻي ٻھراڙي جي تراين يا تلين ۾ يا ته مٽي ختم ٿي ويئي آھ يا مالڪ کڻڻ نٿا ڏين۔
هاڻي ڪاريگر ٿانون لاء مٽي بئريج مان گهرائن ٿا. بئريج جي مٽي ۾ واري ناهي ان ڪري ان ۾ پاڻي جو اخراج بلڪل به ناهي، بئريج جي مٽي جو ٻيو برتن ته هلي وڃي ٿو پر دلو،مٽ ، نادي ،ڪنو،ماٽلو ۽ لوٽي جيڪي گرمي جي موسم ۾ پاڻي يا لسي ٿڌي ڪرڻ جي ڪم جا ناهن. ٻيو ته ڪاريگرن ڀاڻ بدران ربڙ تي برتن پچائڻ شروع ڪيا آھن۔ هاڻي انهن برتن جي ٻاهرين سونهن ته برقرار آھي پر پاڻي ٿڌو نٿا ڪن نه چاهيندي به بجلي جي مصنوعي شين جو استعمال ڪرڻو پوي ٿو. خبر به آھي ته اهي شيون صحت لاء ھاڃيڪار آھن پر مجبوري آھي هاڻي نه ته اهڙا محنتي ڪاريگر باقي آھن ۽ نه ئي انهن جا قدردان بچيا آھن. گهرن ۾ مٽي جو ڪو دلو ملي ته ٻي ڳالھ آھ باقي دانگي جو دستور ئي ختم ٿي ويو آ۔
ڀٽائي بادشاه بقول
نه سي وونئڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتاريون
پسيو بازاريون هينئڙو مون لوڻ ٿئي