قمبر رپورٽ قاضي نياز حسين
صوبائي وزير تعليم سنڌ سعيد غني قمبر پھچي مختلف اسڪولن جو اوچتو دورو ڪيو ڪلاسز ۾ محفوظ سماجي مفاصلو ۽ ايس او پيز تي مڪمل طور تي عملدرآمد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. بعد ۾ صوبائي وزير تعليم سنڌ سعيد غني گورنمينٽ گرلز ھاء اسڪول ۽ گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول قمبر جو دورو ڪيو ۽ ڪرونا وائرس کان بچاءَ بابت ايس او پيز جو جائزو ورتو ڪلاسن جي دوران گھڻن استادن کي اسڪولن ۾ شاگردن جي دوران ڪلاسز ۾ سماجي مفاصلو رکڻ جي ھدايت ڪئي صوبائي وزير تعليم اسڪول ۾ جاري تدريسي عمل جو به جائزو ورتو شاگردن کان ان حوالي سان سوال به ڪيا۔
بعد ۾ صوبائي وزير تعليم سعيد غني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان خود ھن وقت ڀي سڄي سنڌ جي ضلعن سان گڏ لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن جو دورو ڪري تعليمي ادارن ۾ ايس او پيز تي عمل کي ڏسي رھيو آھيان سڄي سنڌ ۾ 6 ڪلاس کان 8 ڪلاسن تائين جا اسڪول شيڊول موجب کوليا ويندا ۽ سنڌ ۾ تمام سرڪاري ۽ پرائيويٽ 28 سيپٽمبر 2020 کان کوليا ويندا۔
ھن وڌيڪ چيو ته اسڪولن ۾ ايس او پي جي تحت سينيٽائيزر جو ھجڻ ضروري آهي جيئن ٻار پنھنجا ھٿ بار بار ڌوئن. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته گورنمينٽ ھاء اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ آهي ۽ نئين بلڊنگ جي ڪمرن جي تعميراتي ڪم نا مڪمل آھي اسڪول جي پراڻي بلڊنگ جي حالت ٺيڪ نه آهي جلدي نئين عمارت جو ڪم مڪمل ڪرائي ٻارن کي ان ۾ شفٽ ڪرائينداسون۔
اسڪول ۾ فرنيچر جو جائزو وٺندي چيو ته جلد کان جلد نئين فرنيچر لاءِ بجيٽ منظور ڪئي ويندي لاڪ ڊائون ھر طبقي جي ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي۔ ھن وڌيڪ چيو ته پرائيويٽ اسڪولز جي فيسن ۾ %20 رعايت جو چيو ويو آهي، ڪافي اسڪول مالي مشڪلاتن جي وجھ سان بند پيا آهن۔