لاڙڪاڻي مان 10 ڏينهن اڳ اغوا ڪري قتل ٿيل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاء احتجاجي مظاهرو

0
172

قمبر- رپورٽ قاضي نياز حسين

قمبر – لاڙڪاڻي مان 10 ڏينهن اڳ اغوا ڪري قتل ٿيل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاء شھيد بينظير ڀٽو پٽو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو، تفيصل موجب لاڙڪاڻو بسم الله ڪالوني جو رهواسي 17 سالن جو نوجوان جنسار شابراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاء شهيد بينظير ڀٽو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو۔

ان موقعي تي ممتاز شابراڻي، نثار ڏيپر، واجد گوپانگ، طارق شابراڻي، دين محمد چانڊيو، جي ايم گوپانگ ۽ ٻين چيو ته مقتول جنسار شابراڻي جا قاتل بااثر هجڻ ڪري پوليس انهن کي گرفتار نٿي ڪري ۽ هنن الزام هڻندي چيو ته ڪنگا ٿاڻي جو ايس ايڇ او جوابدارن کان ڳري رشوت وٺي مقتول نوجوان جو خون لوڙھڻ چاهي ٿو انهن وڌيڪ چيو ته مقتول نوجوان جا وارث غريب ۽ مسڪين هجڻ ڪري جوبدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاء ڌمڪائي رهيا آھن، هنن چيف جسٽس سنڌ ڊي آجي لاڙڪاڻو ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪندي چيو ته مقتول نوجوان جا قاتل گرفتاري ڪري انصاف ڪيو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here