سنڌ ۾ صحافين جي قتل عام، ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ صحافين جي گهرن تي حملي خلاف ڏوڪري پريس ڪلب جي صحافين جو احتجاجي مظاهرو

0
203

ڏوڪري: سنڌ ۾ صحافين جي قتل عام، ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ صحافين جي گهرن تي حملي خلاف ڏوڪري پريس ڪلب جي صحافين جو احتجاجي مظاهرو، ڏوڪري پريس ڪلب جي صحافين صالح پٽ جي شهيد صحافي اجي ڪمار لالواڻي جي قاتلن جي گرفتاري، ميهڙ جي صحافي ۽ ليکڪ آزاد انور ڪانڌڙي تي داخل ڪيل ڪوڙي ڪيس ۽ ڏوڪري پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري اطهر سنديلي جي گهر تي حملو ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو۔

احتجاج ڪندڙ ايم رمضان جوڻيجو، قاضي آفتاب، اطهر سنديلو، فدا حسين ابڙو، ياسر منگي، امداد ٻگهيو، قاضي فريد، قاضي سهيل، قاضي عبدالستار، منظور ماڇي ۽ ٻين ڏوڪري پريس ڪلب جي صحافين جو چوڻ هو ته حق ۽ سچ جي آواز کي دٻائڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ آزاد مٿان حملا ٿي رهيا آهن جيڪي ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيا ويندا، هنن چيو ته ميهڙ ۾ نامياري ليکڪ ۽ صحافي آزاد انور ڪانڌڙي تي ميهڙ پوليس بااثرن جي چوڻ تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو جيڪا هڪ بيواجبي آهي۔

صالح پٽ ۾ صحافي اجي آريجا پوليس چار ڪمار کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو پر هن وقت تائين قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته چار ڏينهن اڳ نامعلوم هٿياربندن ڏوڪري پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري اطهر سنديلو جي گهر تي چڙهائي ڪري فائرنگ ڪندڙن جوابدارن کي پڻ آريجا پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي، ڏوڪري پريس ڪلب جي صحافين مطالبو ڪيو ته آزاد صحافت جي راهه ۾ ڪنڊا وڃائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري قلم ڌڻين ۽ سندن گهر ڀاتين کي تحفظ ڏنو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here