وڳڻ اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ آ۽ ايڇ ايس ملازمن جون گذريل 4 مهينن کان پگهارون بند، احتجاج

0
165

وڳـــــــــڻ رپورٽر حسن علي مغيري

وڳڻ رورل هيلٿ سينٽر تي ڪم ڪندڙ آ۽ ايڇ ايس جي ملازمن جون گذريل 4 مهينن کان پگهارون بند هجڻ جي ڪري ملازمن جا معصوم ٻچڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور صحت کاتو اڳهور ننڊ ستل آهي۔

وڳڻ اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ آ۽ ايڇ ايس ملازمن جون گذريل 4 مهينن کان پگهارون بند آھن جڏھن ته آ۽ ايڇ ايس ملازمن کي پگهارون نه ملڻ خلاف پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻن پاران پنهنجي هٿن ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو گذريل 8 ڏينهن کان وٺي مسلسل هلندڙ احتجاج جو نه ضلعي انتظاميہ نوٽيس ورتو ۽ نه وري صحت کاتي جي وزير۔

وڳڻ احتجاج ۾ آ۽ ايڇ ايس جي ملازمن به ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڇڏيو آھي اسپتال ۾ علاج لا۽ ايندڙ مريض مايوس ٿي واپس روانا ٿي رهيا آھن جڏھن تہ آ۽ ايڇ ايس جي ڊسٽرڪٽ مينيجر نبي بخش ڀٽو به هن وقت تائين هنن ملازمن وٽ ڪون پهتو ۽ نبي بخش ڀٽو ملازمن کي چيو ته توهان جون رهيل پڳهارون رليز ڪيون وينديون پر انهن جون ڪوڙيون دعوائون صرف ڪوڙيون ئي ثابت ٿيون عمل ڪون ٿي سگهيو آھي هن وقت تائين آ۽ ايڇ ايس ملازمن کي پگهار ڪون ملي سگهيو ۽ ڪم ڪندڙ عملي جي گهرن جي باھ بهي نٿي ٻري۔

حڪومت سنڌ پاران آ۽ ايڇ ايس کي هر مهيني ڪروڙين روپيا بجيٽ،ڏئي پيو پر آ۽ ايڇ ايس صرف ڪرپشن ڪئي آھي هاڻي نيب ٽيم سکر ۽ اينٽي ڪرپشن جي ڊپٽي ڊاريڪٽر معملي جون فورن نوٽيس وٺي ڪري ڪم ڪندڙ ملازمن کي 4 مهينن جون رهيل پگهارون جاري ڪرائي ۽ آ۽ ايڇ ايس جي ڪيل ڪرپشن جي جاچ ڪري ملڪ جو لٽيل خزانو واپس ڪرائي عوام ۾ تقسيم ڪيو وڃي پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻ حسين علي مغيري ۔ اصغر علي مغيري ۔ ابراهيم مغيري ۔ وزير علي ۔ فضل محمد ۽ دوست محمد بروهي چتا۽ ڏيندي چيو تہ جلد کان جلد آ۽ ايڇ ايس ملازمن جون پگهارون رليز ڪيون وڃن نت ٻئي صورت ۾ صحت کاتي واري وزير جي گهر جو گهيرا۽ ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here