گاجي کھاوڙ ۾ سنڌ جي بهادر پٽ مشتاق سرڪي جي گهر مٿان پوليس چڙهائي ۽ سندس خلاف ڪيس داخل ٿيڻ تي گاجي کھاوڙ سنڌ پريس ڪلب پاران صدر نياز علي ڏيپر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، احتجاجي مظاهري ۾ سنڌ پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري اختيار حسين ڏيپر عرفان ڏيپر ڏاتر ڏنو ڏپير عباس سانڀل امداد پنھور عبدالجبار مرکنڊ باقر کھاوڙ رضوان کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔
ان موقعي تي شهر جي سياسي سماجي تنظيمن، سول سوسائٽي ۽ قلم ڌڻين جيئو ۽ جنگ گروپ جي تعصب پرستي ۽ مشتاق سرڪي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف سخت نعريبازي ڪندي اڳواڻن چيو تہ ڪراچي ۽ سنڌ چوڻ تي جيئو ۽ جنگ جي مڙني ادارن جا لائسنس رد ڪري سنڌي قوم سان انصاف ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي بهادر پٽ سينيئر صحافي مشتاق سرڪي ۽ سندس 200سو ساٿين مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي، نہ تہ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔