سڪرنڊ ( رپورٽ : مشٿاق سولنگي)
شھيد بينظير آباد وٽرنري يونيورسٽي ايمپلائيز يونين جي لال قلندر شهباز پئنل طرفان اليڪشن ۾ سوڀ جي خوشيءَ ۾ يونيورسٽيءَ کان سڪرنڊ پريس ڪلب تائين سرپرست ذاڪر حسين مگسي ، چيئرمين عبدالجبار چانڊيو ، صدر عبد الرحمان ڳَکڙ ۽ جنرل سيڪريٽري عبداللطيف لغاريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي۔
ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته محنت ۽ ڪردار فتح جي علامت هوندا آهن اهوئي سبب آهي جو شهباز پئنل 106 ووٽ کڻي وڏي ليڊ سان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ، جڏھن ته سامهون بيٺل حميل فقير پئنل صرف 43 ووٽ کڻي سگهيو، هنن چيو ته اڳ به وٽرنري يونيورسٽيءَ جي ملازمن جا مسئلا حل ڪرائيندا رهيا آهيون ۽ هاڻ به ترجيحي بنيادن تي ملازمن جي هر جائز مسئلي لاءِ ڪوشش ڪندا رهنداسين۔
ريلي ۾ ممتاز ملاح ، عبدالجبار ڏاوچ ، ظهورالدين وسطڙو ، جنسار بوزدار ، ناصر کوکر ، محسن مگسي ، شاڪر خانزادو ، رميز مگسي ، باقر رضا ڪليري ، عاشق خاصخيلي ، رائو وقاص کانسواءِ وڏي انگ ۾ ملازم شريڪ هئا۔