قمبر رپورٽ قاضي نياز حسين
قمبر ۾ واپڊا جي لائين مينن جون علي خان محلي جي رهواسي سوشل ورڪر حفيظ آزاد هڪڙو کي ڌڪ هڻي زخمي ڪرڻ خلاف ڪالهه کان شهر جي شهداء چونڪ تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي حفيظ آزاد هڪڙو، پي ٽي آئي اڳواڻ سردار محمد علي خان هڪڙو، ڪامريڊ اياز ٻرڙو، سڪندر صنم جهنڊيل، نثار احمد ڏيپر ۽ شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن نٽهڻ اس ۾ ويهي ڌرڻو هنيو اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏينهن حفيظ آزاد هڪڙو کان واپڊا جي لائين مين عبدالرحمان چنه رشوت گهري نه ڏيڻ تي ميٽر جي بجلي ڪٽي رهيو هو منع ڪرڻ تي سوشل ورڪر مٿان ڏمرجي پيو کيس مٿي ۾ ڌڪ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو اهڙي واپڊا جي عمل خلاف شهرين پاران سٽي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي پرآفسيرن جي کاٽو پٽن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي،هنن گهر ڪئي ته جيستائين واپڊا جي اهلڪارن کي هٽائي ڪيس داخل نه ڪيو ويو تيستائين سخت احتجاج ڪيو ويندو۔