قمبر جي ڳوٺ علي بخش پنهور جي رهواسين جو ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال نہ ٿيڻ خلاف ڌرڻو

0
216

قمبر رپورٽ قاضي نياز حسين

قمبر جي ڳوٺ علي بخش پنهور جي رهواسين جو ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال نہ ٿيڻ خلاف ٽريڪٽر ٽراليون ڀري ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جي آفيس اڳيان روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر پنهور، علي محمد بروهي، قاسم پنهور، ديدار علي ۽ ٻين چيو تہ اسان ڳوٺ ۾ ٻن هفتن کان برسات جو پاڻي 2 فوٽن کان وڌيڪ بيٺو آهي جيڪو نيڪال ڻہ ٿيڻ سبب بدبودار ٿي ويو ۽ جنهن سبب ڳوٺاڻا بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن پر قمبر انتظاميا کي شڪايتون ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر ڪير ٻڌڻ وارو ناهي، هنن وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ، ڪمشنر لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي تہ اسان ڳوٺ مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪري بيمارين کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here