ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جي صدارت هيٺ محرم الحرام دوران سيڪيورٽي ۽ ٻين مختلف انتظامن بابت اعليٰ سطح جي گڏجاڻي منعقد

0
260

قمبر رپورٽ: قاضي نياز حسين

ضلعي قمبر ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جاويد علي جاگيراڻي جي صدارت هيٺ دربار هال ڊي سي آفيس قمبر ۾ محرم الحرام دوران سيڪيورٽي ۽ ٻين مختلف انتظامن بابت اعليٰ سطح جي گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي۔ ان موقعي تي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ عمران قريشي، ونگ ڪمانڊر رينجرس ليفٽيننٽ ڪرنل محمود احمد ۽ ضلعي جا سمورا اسسٽنٽ ڪمشنر’ مختيار ڪار، ٽائون آفيسر، صحت، لوڪل گورنمينٽ، انفارميشن، سيپڪو، پبلڪ هيلٿ ۽ ٻين واسطيدار کاتن جا آفيسر ۽ مختلف فرقن سان تعلق رکندڙ عالم سڳورا ۽ ذاڪر موجود هئا۔

گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جاويد علي جاگيراڻي سمورن لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو ماتمي جلوسن جي گذرگاهن ۽ مجلس وارن هنڌن تي فول پروف سيڪيورٽي انتظام، صفائي سٿرائي، ڊرينيج ۽ پاڻي جي فراهمي، حددخلين جو خاتمو، فرسٽ ايڊ، بغير رنڊڪ جي بجلي جي فراهمي ۽ ٻين گھربل ضرورتن کي يقيني بنايو وڃي. ھن چيو ته ڪورونا وائرس گھٽ ضرور ٿيو آهي پر خطرو اڃان به موجود آهي انهيَ لاء سرڪار پاران جاري ٿيل ايس او پي تي مڪمل عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان پاڻ کي ۽ ٻين کي وائرس کان بچائي سگھون۔ ڊپٽي ڪمشنر سمورن مڪتب فڪر جي عالمن ۽ اڳواڻن تي زور ڀريو ته هو محرم الحرام دوران گھرو کاتي جي ضابطه اخلاق ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد کي هر صورت ۾ يقيني بنائين ۽ مذهبي هم آهنگي، اتحاد ۽ امن قائم رکڻ لاءِ ضلعي انتظاميه ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن سان رابطي ۾ رهن۔

جڏهن ته مجلسن ۽ جلوسن جي وقت ۽ روٽ جي پابندي سميت ڪنهن به قسم جي چڙ ڏياريندڙ ۽ نفرت ڦهلائيندڙ تقرير يا اعتراض جوڳي وڊيو ۽ آڊيو ڪيسٽون وڄائڻ سميت سوشل ميڊيا تي ڪنهن به قسم جي مذهبي پوسٽ ۽ ڪمينٽس کان پاسو ڪيو وڃي ۽ ڪوبه مسئلو هُجي ته ڊي سي آفيس ۾ قائم ڪيل ڪنٽرول روم جي نمبر 0744210625 سان رابطو ڪيو وڃي ته جيئن عاشوري وارو ڏينهن خوش اصلوبي ۽ امن امان سان ختم ٿي سگھي۔ هن صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو محرم الحرام دوران ماتمي جلوسن جي گذرگاهن تي ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪري ايمبوليسن، ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل عملي ۽ گھربل دوائن جي موجودگي کي يقيني بنائين. هن ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي تعلقن ۾ محرم الحرام جي انتظامن بابت شيعه ۽ ٻين سمورن مڪتبه فڪر جي عالمن سان گڏجاڻيون منعقد ڪن ۽ ڪنٽرول رومز قائم ڪري سمورن کاتن سان ويجھي رابطي ۾ رهن. ڊپٽي ڪمشنر سيپڪو عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو محرم الحرام جي مجالس دوارن بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ سان گڏو گڏ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ ۽ ماتمي جلوسن جي گذرگاهن تي موجود بجلي جي تارن کي به ٺيڪ ڪن. ان موقعي تي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ عمران قريشي چيو ته امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ جي اجازت ڪنهن کي به نه ڏني ويندي۔

هن سمورن عالمن تي زور ڀريو ته هو ملڪ جي خاطر هڪ ذميوار شهري هئڻ جو ثبوت ڏين ۽ پنهنجي آس پاس شرپسند عنصرن تي ڪڙي نظر رکن. هن ٻڌايو ته محرم الحرام جي عاشوري دوران سيڪيورٽي جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ان کان علاوه ضلعي اندر وڏين امام بارگاھن تي مجلس دوران سي سي ٽي وي ڪئميرائون به نسب ڪيون وينديون ۽ ضلعي جي خارجي ۽ داخلي رستن تي سنيپ چيڪنگ پڻ شروع ڪئي وئي آهي ته جيئن ڪنهن به قسم جي امڪاني اڻ وڻندڙ واقعي کان بچي سگھجي. ان موقعي تي رينجرس جي ونگ ڪمانڊر ليفٽيننٽ ڪرنل محمود احمد چيو ته ضلعي سان ملندڙ بلوچستان بارڊر تي رينجرس جا جوان چوڪس ڪيا ويا آهن ۽ ھر ايندڙ ويندڙ کي شناخت ڪرڻ کان بغير ضلعي اندر اچڻ نٿو ڏنو وڃي۔ ان موقعي تي سمورن عالمن ۽ ذاڪرن مختلف مسئلن کان آگاه ڪيو ۽ ضلعي انتظاميا ۽ پوليس پاران ڪيل انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي پنهنجي هر قسم جي سهڪار جو يقين ڏياريو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here