ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جو معاملو ڪنهن وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگهي ٿو: راڻا ثناءُالله

0
54

 گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جو معاملو ڪنهن وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. راڻا ثناءُالله ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن واري معاملي تي ٿيندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ٿيڻ واري معاملي تي سياسي پارٽين جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ ڳڻتي جوڳي صورتحال ڪري رهي آهي. موجوده صورتحال ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جي معاملي تي ڇڪتاڻ جو امڪان آهي.
گهرو وزير چيو ته ڪجهه شر پسند عناصر ڇڪتاڻ واري صورتحال مان فائدو کڻي سگهن ٿا. امن امان جي صورتحال به پيدا ٿي سگهي ٿي. ڪوبه هڪ ننڍو واقعو ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪنهن وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. سياسي پارٽين ۽ اليڪشن سان لاڳاپيل ڌرين کي معاملي جو سنجيدگي سان حل ڪرڻ گهرجي. اليڪشن ڪميشن ۽ عدليه حالتن جي سنگيني جو نوٽيس وٺن. آئين ۽ قانون جي روشني ۾ مناسب حل ڪڍيو وڃي.


گهرو وزير وڌيڪ چيو ته 2 سياسي پارٽيون مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ڪرائڻ جي حق ۾ آهن ته 2 وري ان جي مخالفت ۾ آهن. جنهن ڪري معاملو سنگين صورتحال اختيار ڪري سگهي ٿو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here