موهن جو دڙو
(رپورٽ سمير سومرو)
موهن جو دڙو ڀرسان دادو ڪئنال تي اڏيل بگي پل ۾ ڏار ۽ وڏا کڏا پئجي ويا آهن، جن کي روڊس کاتي پاران جڳاڙي مرمت ڪري بند ڪيو ويندو رهيو آهي، گذريل ڪجهه ڏينهن اڳ روڊس کاتي پاران ٺيڪيدارن جي معرفت پل جي مرمت ڪرائي وئي هئي۔
بهتر مرمت ڪرائڻ بدران کڏن ۾ اندر مٽي جا ڀريل پاچڪا رکي مٿان وري مٽي وجهرائي بند ڪيو ويو آهي، مرمت ڪرڻ باوجود پل ۾ ٻيهر ساڳي هنڌ تي وڏا کڏا پئجي ويا آهن۔ جنهن ڪري حادثن جو خطرو وڌي ويو آهي هتان جي رهواسين رستم ڀٽو، نادر ابڙو، منظر علي، حسين بخش، عبدالمالڪ ساريو، لاهوتي ميهر علي ديدار علي ابڙو ۽ ٻين وي اين ايس جي نمائندي آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته بهتر نموني مرمت نه ٿيڻ سبب دادو ڪئنال مٿان ٺهيل پل ۾ وڏا کڏا پئجي ويا آهن۔
روڊس کاتي پاران هر ڀيري جڳاڙي ڪم ڪرايو وڃي ٿو جنهن ڪري پل ٽٽي پوي ٿي پل ۾ کڏا پئجي وڃڻ ڪري هيوي ٽرئفڪ جي گذرڻ دوران حادثا پيش اچي سگهن ٿا، بنا دير نوٽيس وٺي پل جي ڪم جي بهتر نموني مرمت ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو۔