سڪرنڊ ويجهو قومي شاهراه تي صابو راهو اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪار موٽر سائيڪل کي بچائيندي دڪان ۾ ڪاهي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي

0
132

سڪرنڊ ( رپورٽ گل محمد ملاح )

سڪرنڊ ويجهو قومي شاهراه تي صابو راهو اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪار موٽر سائيڪل کي بچائيندي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري دڪان ۾ ڪاهي پئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا رميز ملاح ۽ منٺار عرف منو سولنگي موقعي تي فوت ٿي ويا جڏھن ته 5 ڄڻا طيب ملاح ، دائود ملاح ، ليمون کوسو ، محمد انور ۽ محمد عمران سخت زخمي ٿي پيا جن کي همدرد ايمبولينس ذريعي تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو ويو جتان نازڪ حالت هئڻ سبب کين پي ايم يو اسپتال نوابشاه منتقل ڪيو ويو .جڏھن ته ڪار ڊرائيور دوڙ جي رھواسي علا۽الدين آرائين کي پوليس حراست ۾ وٺي لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here