باڊهه ۾ ايس ٽي پي پاران سنڌ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف احتجاج

0
51

سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سنڌ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف ڪامريڊ قادر بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.
ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۾ اضافو ضرور ٿيو آهي پر سنڌ ۾ هٿرادو مهانگائي جو طوفان برپا ڪيو ويو آهي، جيڪو الائي ڪيترن ماڻھن جون زندگيون ڳڙڪائيندو، ميرپورخاص ۾ سستي اٽي جي لائين ۾ بيٺل پورهيت جو چيڀاٽجي فوت ٿيڻ اسان جي حڪمرانن جي چٽي نااهلي جو ثبوت آهي.
هنن چيو ته پنجاب ۾ ڪڻڪ جو اٽو 65 روپيا ڪلو ملي ٿو ۽ سنڌ ۾ اهو ئي اٽو 140 روپيا ڪلو هجڻ سراسر ناجائزي ۽ زيادتي ۽ اهڙي طرح رشوت خور آفيسر ۽ منافعي خور واپارين جي ملي ڀڳت سان گوشت، مڇي، مرغي، سبزي، تيل ۽ ٻين ضروري شين جا اگهه آسمان تي پهتل آهن.
هنن سنڌ حڪومت ۽ ڊي سي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو آهي ته روزاني جي بنياد تي لسٽون چيڪ ڪري منافعي خور واپارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کائڻ جي شين ۾ سستائي ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here