ڦورو هڪ ٻار جي ما۽ سمیت ٻن عورتن کي 15 ڏينهن اڳ هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي ويا

0
201
wagon police

وڳـــــڻ رپورٽر حسن علي مغيري

وڳڻ ڀرسان ڳوٺ ڦورو لاکا واسي سيد مختيار علي شاھ جي گهر واري هڪ ٻار جي ما۽ بيبي شمائلا خاتون کي 15 ڏينهن اڳ هٿيار بندن هٿيارن جي زور تي رستي تان اغوا ڪري کڻي ويا آھن عورت جي وارثن اهڙو اطلاع وڳڻ ٿاڻي تي ڏنو ۽ اين سي به داخل ڪرائي جنهن کان پو۽ سيد برادري ۽ وڳڻ شھر جي سوشل ورڪرن ايس ايس پي قمبر سان ملاقات ڪري معملي کا آگاھ ڪيو پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڙو به ڪون ڪيو آهي۔

جنهن کان پو۽ اچ سيد مختيار علي شاھ ۔ سيد سرور علي شاھ ۔ سيد وريل شاھ ۽ سوشل ورڪر اياز علي ڀٽو ۔ عبدالطيف مغيري ۔ خالد حسين بليدي ۔ الله ڏنو ميراڻي ۔ محمد علي ميراڻي ۽ آفتاب ڀٽو عوامي پريس ڪلب وڳڻ پهچي احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته 15 ڏينهن اڳ ڳوٺ ڦورو لاکا واسي سيد مختيار علي شاھ جي گهر واري جيڪا دوا وٺڻ لا۽ وڳڻ وڃي رهي هئي ته رستي تان ڪار ۾ سوار هٿياربندن هٿيارن جي زور تي عورت کي اغوا ڪري ويا جنهن کان پو۽ وارثن وڳڻ ٿاڻي تہ اطلاع ڪيو پر حد جي پوليس خاموش بڻيل آھي۔

بيبي شمائلا خاتون جي مڙس سيد مختيار علي شاھ صحافين سان ڳالهيندي چيو اسان تمام غريب آھيون ۽ ڪنهن سان به قا زاتي دشمني ناهي گهرواري دوا لا۽ وڳڻ شھر وڃي پئي ته رستي مان ڪار ۾ سوار هٿيار بندن اغوا ڪري ويا آھن ۽ گهر ۾ هن وقت پريشاني واري صورتحال آھي اسان موبائيل فون جي ذريعي ٽريسنگ به ڪئي آھي جنهن ۾ سي ڊي آر اچي ويو ۽ ان ۾ اغوا ڪندڙ ڪلئير ظاھر ٿي چڪا آھن پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لا۽ به تيار ناهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي آ جي سنڌ ۔ ڊي آ۽ جي لاڙڪاڻو ۔ ايس ايس پي قمبر معملي جو نوٽيس وٺي اغوا ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ اسان کي انصاف فراهم ڪيون وڃي ٻئي صورت ۾ اسان ڊي آ۽ جي لاڙڪاڻو آفيس اڳيان پاڻ ساڙينداسين۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here