نادرا آفيس سڪرنڊ جي ناجائزين خلاف سماجي شهري اتحاد طرفان نادرا آفيس جي اڳيان احتجاجي مظاهرو

0
205
sakrand nadra protest

سڪرنڊ (رپورٽ : مشتاق سولنگي)

نادرا آفيس تعلقه سڪرنڊ جي ناجائزين خلاف سماجي شهري اتحاد سڪرنڊ طرفان نادرا آفيس جي مين گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين نادرا آفيس سڪرنڊ خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا۔ ان موقعي تي سماجي شهري اتحاد جي صدر قربان ڇهواڻ ، انسان دوست فورم جي چيئرمين نورالدين ڪيريو ، سنڌ جاڳرتا فورم جي چيئرمين حسين ڪيريو ، ايڊووڪيٽ ناظم لغاري ، وريام سنجراڻي ، يونائيٽيڊ سوشل فورم جي صدر نياز لاشاري پنهنجي الڳ الڳ خطابن ۾ چيو ته نادرا آفيس سڪرنڊ جا ملازم خاص ڪري اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عمران وڳڻ غريب عوام کان شناختي ڪارڊن ، عمرين جي سرٽيفڪيٽن ، ڊيٿ سرٽيفيڪٽن ۽ ب فارمن جي مَد ۾ ناجائز ۽ غير قانوني وصوليون ڪري رهيا آهن۔

غريب عورتن کي سخت پريشان ڪندي سکڻا پنڌ ڪرايا وڃن ٿا۔ هنن چيو ته عمران وڳڻ جو مردن توڙي عورتن سان جارحاڻو ۽ءاڍنگو رويو قابل مذمت آهي . هنن اعلٰى اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته عمران وڳڻ کي هٽائي ، ان جي جاءِ تي بهتر همدرد آفيسر مقرر ڪيو وڃي جيڪو عوام جي درد کي سمجهي سگهي ۽ ماڻھن جا مسئلا حل ڪري سگهي . مظاهري ۾ رسول بخش ڪيريو ، غلام سرور راهو ، شمشاد ملاح ، رفيق چانڊيو ، اختر خاصخيلي ۽ ٻيا موجود هئا۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here