جيڪڏهن ايندڙ 5 سالن تائين سبسڊي جاري رهي ته سنڌ حيسڪو، سيپڪو سنڀاليندو، وڏو وزير

0
201
CM Sindh

ڪراچي (25 جنوري 2021): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (حيسڪو) ۽ سکر اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (سيپڪو) کي ان شرط تي وٺڻ لاءِ تيار هوندي ته وفاقي حڪومت ايندڙ پنجن سالن تائين بجلي جي سبسڊي جاري رکندي. هن اها ڳالهه اوجها ڪيمپس ۾ ڊائيگنوسٽڪ ڪمپليڪس ۽ ڊاؤ انسٽيٽيوٽ آف لائف سائنسز جي افتتاح کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي ساڻس گڏ پارلياماني سيڪريٽري صحت ڊاڪٽر قاسم سراج سومرو پڻ هو۔

هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته حيسڪو ۽ سيپڪو بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون آهن جيڪي وڏي نقصان ۾ آهن، هن چيو ته مون گهڻو اڳ وزيراعظم کي خط لکيو هو جنهن ۾ لاڳاپيل ٻنهي ڪمپنين کي سبسڊي جاري رکڻ واري شرط تي سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي جيڪا وفاقي حڪومت هن وقت انهن کي ڏئي رهي آهي. هن چيو ته اهي چاهين ٿا ته سبسڊي ايندڙ پنجن سالن تائين جاري رهي ته جيئن اسان انهن کي ٻيهر ٽريڪ تي واپس آڻي سگهون۔

هن چيو ته هڪ چيني سيڙپڪار ڪمپني سنڌ حڪومت سان ڀاڱي ڀائيواري ۾ حيسڪو ۽ سيپڪو هلائڻ لاءِ صوبائي حڪومت سان رابطي ۾ آهي، مون کي خبر ناهي ته وفاقي حڪومت پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين کي سندن حڪومت حوالي ڪرڻ جو ڪو فيصلو ڪري ورتو آهي۔ وفاقي وزير علي زيدي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته هوءَ هڪ ذميوار شخص آهي ۽ ان معاملي کي ميڊيا تي نه اٿاريو ويندو. خط بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته منهنجو خط ڳجهيل هو ۽ مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهو ميڊيا کي ڪيئن جاري ڪيو ويو۔

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته آئون وزيراعظم سميت صوبائي اسيمبلي کانسواءِ ڪنهن به شخص کي جوابده نه آهيان. هن چيو ته منهنجي جواب کي منفي نه سمجهيو وڃي پر حقيقت اها آهي ته وڏو وزير رڳو صوبائي اسيمبلي کي جوابده آهي۔ ڪورونا ويڪس جو ذڪر ڪندي مراد علي شاهه چيو ته هن وفاقي حڪومت کي هڪ خط لکيو آهي جنهن ۾ چين کان سڌو ويڪسين خريد ڪرڻ جي اجازت جي درخواست ڪئي وئي آهي۔ هن چيو ته هڪ صوبائي حڪومت جي حيثيت سان مون کي ڪنهن ٻئي ملڪ مان سڌو سنئون ڪنهن به شيءِ کي خريد ڪرڻ جو اختيار ناهي۔

وڏي وزير انسٽيٽيوٽ آف لائيف سيونگ سائنسز ۽ ڊائيگنوسٽڪ ڪمپليڪس جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ هتي جو دورو پڻ ڪيو، ڊائو يونيورسٽي جي وي سي هيلٿ آف سائنسز ڊاڪٽر سعيد قريشي پنهنجي خطاب ۾ سنڌ جي وڏي وزير کي ڀليڪار ڪندي چيو ته ڊائگنوسٽڪ سهولتن کي مڪمل ريت فعال بڻائڻ لاءِ کيس 100 ملين رپين جي کوٽ آهي. تنهن تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن توهان 30 جون تائين ان سهولت کي مڪمل ڪرڻ وارا آهيو ته آئون 100 ملين رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪريان ٿو، سعيد قريشي ان موقعي تي موجود اسٽاف ۽ مهمانن پاران تاڙيون وڄائڻ ۾پنهنجي رضامندي ظاهر ڪئي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here