رپورٽ: قاضي نياز حسين
قمبر: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاس 2382 نرسن کي پڪو نہ ڪرڻ خلاف قمبر جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي ۽ سيڪريٽري صحت طرفان واعدي کي هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصو گذري ويو پر واعدو وفا نہ ٿيو اهڙن خيالن جو اظهار ڪندي وي اين ايس سان ڳالهائيندي وحيد مغيري، راشد منگي، عبدالغفار مغيري، سجاد گوپانگ، محمد امين وڳڻ چيو تہ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاس 2382 نرسن کي پڪو ڻہ ڪري ناانصافي ڪئي پئي وڃي، جڏهن تہ سمورا ملازم ڪرونا وائرس جهڙي موذي مرض خلاف ايمرجنسي ۾ جان جوکي ۾ وجهي پنهنجو فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن۔
هنن وڌيڪ چيو تہ سيڪريٽري صحت ملازمن کي پڪو ڪرڻ لاءِ معاهدو ڪيو هو پر انهيءَ تي پڻ عمل ناهي ڪيو ويو، هنن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ کان مطالبو ڪيو تہ ڪرونا وائرس سان فرنٽ لائين مقابلو ڪندڙ 2382 نرسن کي پڪو ڪري اسان مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو۔