پرائمري اسڪول جلال آباد ھڪ سال کان بند پيل، استاد گھر ويٺي پگھارون کڻڻ لڳا

0
162

ڏوڪري

ڏوڪري ڀرسان تعليم کي تالو پرائيمري اسڪول جلال آباد ھڪ سال کان بنڌ پيل استاد گھر ويٺا پگھارون کڻڻ لڳا معصوم ٻارڙن جي تعليم تباھ رھواسين جو احتجاج رپورٽ موجب سيھڙ ڀرسان ڳوٺ جلال آباد جو مين پرائيمري اسڪول ھڪ سال کان بنڌ پيل معصوم ٻارڙن جي تعليم تباھ ٿيڻ لڳي آهي۔

ڳوٺ جي رھواسين شاھنواز چانڊيو خليل احمد جٽ فضل محمد چانڊيو محمد نواز چانڊيو ۽ ٻين احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ھڪ سال کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄ ڏينهن تائين اسڪول کي تالو لڳل آهي ۽ استاد صاحبان گھر ويٺي پگھارون کڻي رھيا آهن ۽ ويزا سسٽم لڳو پيو آهي اسان جا معصوم ٻارڙا مال چارڻ تي مجبور آهن۔

ھنن وڌيڪ چيو ته اسڪول ڀوت بنگلي جو ڏيک ڏئي رھيو آهي اسڪول ۾ فرنيچر به ناھي اسان جا معصوم گلن جھڙا ٻارڙا تعليم جي زيور کان محروم بڻيل آهن ڪيترائي ڀيرا تعليم جي بالا آفيسرن ۽ چونڊيل نمائندن کي شڪايتون پڻ ڪيون آهن پر اڃا تائين اسڪول نه ٿو کوليو وڃي اسان چونڊيل نمائندن تعليم جي بالا آفيسرن کي مطالبو ٿا ڪريون ته اسان کي فرنيچر ۽ اسڪول ۾ ريگيولر ماستر ڏنا وڃن جئين اسان جا معصوم ٻارڙا تعليم حاصل ڪري سگھن۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here