گاجي کهاوڙ ڀرسان نصيرآباد ٽائون جو اڳوڻو پ پ چيئرمين خان ڦلپوٽو نصيرآبا مين گهاڙ ڊرين جو پاڻي بند ڪري پنهجون زمينون آباد ڪرائي پڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو. اهڙي صورتحال تي آبادگارن امداد چانڊيو، غلام مصطفيٰ چانديو. رجب علي، ڌڻي بخش، بشير احمد. غلام سرور سولنگي. معشوق کهاوڙ ۽ ٻين چيو ته نصيرآباد ٽائون جو اڳوڻو پ پ چيئرمين خان ڦلپوٽو نصيرآباد مين گهاڙ ڊرين جي آرڊي 18 وٽان سم نالو بند ڪري غيرقانوني طور تي پاڻي بند ڪري پنهنجون زمينون آباد ڪرائي ٿو ۽ پڇڙي تي پاڻي نٿو پهچي ۽ اسان جا لکين رپين جا هائبرڊ ٻج سڙن ٿا. جڏهن ته اسان باربار دانهون ڪيون آھن پر ڪو به ٻڌڻ لاء تيار ڪونهي. جڏھن ته هُو پ پ جو ماڻهو هجڻ ڪري مٿيان آفيسر به هُن کان ڊڄن ٿا. اسان باربار انجنيئر کي چيو آھي پر اهو به ٻڌڻ لاء تيار ڪونهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته خان ڦلپوٽو پاران آر ڊي 18 وٽان بند ڪيل پاڻي کولرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي۔