ڏوڪري باءِ پاس وٽان نامعلوم چور گهر ۾ گهري ڏاج، سونا زيور ۽ روڪ رقم کڻي فرار

0
164
dokri police

ڏوڪري: ڏوڪري باءِ پاس وٽان نامعلوم چور منظور ماڇي جي گهر ۾ گهري نياڻي جو ڏاج، سونا زيور ۽ روڪ رقم کڻي فرار ٿي ان ڏس ۾ گذريل رات ڏوڪري باءِ پاس ڀرسان ماڇي ڳوٺ ۾ 3 نامعلوم چور منظور ماڇي جي گهر ۾ گهري گهرڀاتين کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي سونا زيور، روڪ رقم ۽ نياڻي جو ڏاج چوري ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته واقعي جو اطلاع ڏوڪري ٿاڻي تي ڏنو ويو۔

هوڏانهن ڏوڪري پوليس کوجي ڪتن جي مدد سان چورن جا پيرا کنيا ويا جيڪي پيرا معشوق مرکنڊ جي گهر ۾ پوڻ بعد پوليس معشوق مرکنڊ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي، ان موقعي تي منظور ماڇي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رات ڍير سان 3 نامعلوم چور گهر ۾ گهري هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي تشدد ڪري نياڻي جو ڏاج، سونا زيور ۽ روڪ رقم چوري ڪري فرار ٿي ويا هن پوليس کاتي جي اعلي اختيارين کي اپيل ڪندي چيو ته چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي مون سان انصاف ڪيو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here