ڏوڪريءَ ۾ ليکڪ، شاعر، سماج سڌارڪ استاد غلام رسول منگيءَ جي 51 هين ورسي ملهائي وئي

0
232

ڏوڪري: ڏوڪريءَ ۾ ليکڪ، شاعر، سماج سڌارڪ استاد غلام رسول منگيءَ جي 51 هين ورسي ملهائي وئي۔ ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ بگيءَ ۾ هڪ سماجي تنظيم بگي ريسرچ فورم طرفان سڄاڻ شخصيت استاد غلام رسول منگيءَ جي ورسي تقريب ٿي گذري۔ تقريب جي صدارت نوجوان شاعر، ليکڪ ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٿرڙيءَ جي سيڪريٽري آزاد منگيءَ ڪئي، جڏهن ته مهمان خاص اقرار پيرزادو ۽ اعزازي مهمان علي نواز ابڙو ۽ مظفر منگي هئا. تقريب کي خطاب ڪندي عزيز منگي، حاڪم منگي، علي نواز ابڙو، اقرار پيرزادي، مظفر منگي ۽ آزاد منگيءَ چيو ته استاد غلام رسول منگي هڪ گهڻي رخي شخصيت جو مالڪ هو، جيڪو هڪ ئي وقت سٺو شاعر، ليکڪ، ڊراما رائٽر ۽ ڊائريڪٽر سان گڏوگڏ هڪ مثالي استاد پڻ هيو۔

هنن چيو ته استاد غلام رسول منگي متحرڪ شخص هيو جنهن ساهه جي آخري گهڙي تائين علم جي شمع روشن رکڻ لاءِ سماج ۾ سجاڳي پکيڙي ۽ پنهنجي شاگردن ذريعي علائقي ۾ هڪ سٺي سماج اڏڻ لاءِ لاڀ حاصل ڪوششون ورتيون. تقريب ۾ استاد غلام رسول جي ٻن شاگردن علي شير ساريو ۽ حاجي منظور علي ساريو پڻ خطاب ڪندي پنهنجي استاد جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته استاد غلام رسول منگيءَ سندن اندر ساڃاهه پيدا ڪئي ۽ استاد غلام رسول جهڙا سماج سڌارڪ فرد گهٽ پيدا ٿيندا آهن ۽ اهي جتي به هوندا آهن۔ سماج ۾ بهتر تبديلي لاءِ پتوڙيندا رهندا آهن۔ تقريب ۾ خطاب ڪندي اهو بہ چيو ويو تہ ٻلهڙيجيءَ ۾ جيڪو علمي ادبي ۽ سياسي شعور آهي انجو بڻياد رکندڙ استاد غلام رسول منگي ئي هيو جنهن کي بعد ۾ انور پيرزادو، گلاب پيرزادو ،لطف پيرزادو ۽ قربان پيرذادو اڳتي وڌايو۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here