يوم القدس جي حوالي سان شعيا علماءِ ڪائونسل، جعفریہ اسٽوڊنٽس آرگنائزیشن جي اڳواڻن پاران ريلي

0
174

ڏوڪري ۾ يوم القدس جي حوالي سان شعيا علماءِ ڪائونسل، جعفریہ اسٽوڊنٽس آرگنائزیشن جي اڳواڻن پاران ريلي ڪڍي وئي، الحسيني مرڪزي امام بارگاھ مان شعيا علماءِ ڪائونسل، جعفریہ اسٽوڊنٽس آرگنائزیشن جي اڳواڻن مولانا غلام علي عاملي، سيد عزت علي شاھ، زوار قاضي وحيد علي، سرائي امتياز علي ڪولاچي، باغ علي جلباڻي، معشوق علي جتوئي، عبدالغفار ڪلهوڙو، بخت علي جسڪاڻي، مختيار علي جلباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي

ان موقعي تي ريلي کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته خطاب ڪندي چيو ته يوم القدس ڪنهن هڪ فرقي جو مسئلو ناهي يوم القدس سموري مسلمان جو مسئلو آهي. هنن چيو ته مسلم ملڪن کي گهرجي ته فلسطين جي مسئلي تي آواز اٿاري بيت المقدس کي اسرائيل کان آزاد ڪرائن. هنن چيو ته يهودي قوم مسلم قوم جي دشمن بڻيل آهي ۽ مسلم قوم کي متحده ٿيڻ گهرجي. هنن چيو ته شعيا قوم مسلسل بيت المقدس جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here