سڪرنڊ ( رپورٽ : مشتاق سولنگي)
اسسٽنٽ ڪمشنر محمد سليم جتوئي ۽ مختيارڪار وسيم لاشاري ۽ انجمن تاجر ويلفيئر ڪميٽي جي اڳواڻ محمد صديق منگيو جي ڪوشش سان سڪرنڊ جي هڏ ڏوکي واپارين جن ۾ ميڊيڪل اسٽور اڳواڻ طارق حسين راجپوت ڪريانه مرچنٽ اڳواڻ نظير احمد ميمڻ ، شفيق راجپوت ، سيٺ آفتاب احمد ۽ ٻين گڏجي رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني ۾ غريب ، بي سهارا مردن ۽ عورتن کي عيد جي خوشين ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ 12 لک روپين جا 800 سو راشن بيگس ڏنا ويا
راشن بيگس ورهائڻ جا انتظام استاد لقمان ڪيريو طرفان هاءِ اسڪول سڪرنڊ ۾ ڪيا ويا جتي . مسڪينن ماڻھن ۾ ايس او پيز تحت اڄ ھاء اسڪول سڪرنڊ ۾ ورهايا ويا . هاء اسڪول ۾ مڪمل انتظام سائين محمد لقمان ڪيريو پاران ڪيو ويو. ان موقعي تي مٿين اڳواڻن چيو ته خوشيون تڏھن مڪلمتا ماڻينديون آهن جڏھن انهن ۾ مفلس ۽ نادار ماڻھن ، بيوه عورتن ۽ يتيم ٻارڙن کي شامل ڪيو وڃي . هنن چيو ته سڪرنڊ جي واپاري برادري ضرورتمندن ۽ غريبن جي مدد ڪري تمام وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ اهو درس اسلام به ڏئي ٿو . هنن چيو ته بهتر انسان به اهو آهي جيڪو انسانيت جي خدمت ۾ يقين رکي ٿو . ياد رهي ته گذريل ماه رمضان ۾ پڻ لکين روپين جو سامان ورهايو ويو هو