سال 2019 دوران 2309 پورھيت، ڪورٽن ذريعي نجي جيلن مان آزاد ڪرايا ويا

0
252

ڪراچي: هاري ويلفيئر ايسو سي ايشن طرفان هارين جي حقن بابت 2019 سالانه تحقيقي رپورٽ جي آن لائن پڌرائي اڱاري ڏهاڙي ٿي گذري۔ سنڌ جو هاري صدين کان ظلم جو شڪار رهندو پيو اچي، اسيمبلين ۾ جاگيردارن جي هجڻ جي ڪري هارين بابت جوڙيل قانونن تي عمل نٿو ٿئي، سنڌ ۾ جاگيردار اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ بڻيل آهن، هارين جو صحيح ۽ منصفاڻو حساب ڪتاب نه ٿيڻ جي ڪري لکين هاري غربت، بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن، اسيمبلين ۾ جاگيردار طبقو قابض هارين بابت جوڙيل قانونن تي عمل درآمد ۾ روڪاوٽ بڻيل، سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران سنڌ ٽيننسي ايڪٽ بابت ڏنل تاريخي فيصلي کي سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ چيليئنج ڪري هاري دُشمني جو ثبوت ڏنو آهي۔

سال 2019 دوران 2309 پورهيت نجي جيلن مان ڪورٽ زريعي آزاد ٿيا جن ۾ 819 ٻار ۽
743 عورتون شامل آهن، هارين جي حقن جي تحريڪ کي سگهارو ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي
اهڙن خيالن جو اظهار اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ ڪيو۔
تفصيل موجب : هاري ويلفيئر ايسوسي ايشن طرفان هارين جي حقن بابت سالانه تحقيقي رپورٽ جي آن لائن پڌرائي ڪئي ويئي جنهن ۾ سياسي، سماجي، هاري مزدور، عورت ڳواڻن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي انساني
حقن بابت وزير علي سنڌ جي خاص معاون ويرجي ڪولهي، پائلر جي ڊائريڪٽر ڪرامت علي، عورت
اڳواڻ امر سنڌو، ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو، هاري ويلفيئر ايسو سي ايشن جي صدر اڪرم خاصخيلي، انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جي سعد گيلاني، ذولفقار شاهه، پرڀو ستياني، روبينه چانڊيو، پُشپا ڪُماري ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ هارين جي استحصال جو وڏو سبب جاگيرداري نظام آهي، اسميبلين ۾ ويٺل جاگيردار نٿا چاهين ته سنڌ ۾ هارين کي پنهنجا حق ملن۔

هارين بابت جوڙيل قانونن تي عمل نه ٿيڻ ۾ وڏي رڪاوٽ جاگيردار طبقو آهي، جبري پورهئي جي
خاتمي تي عمل نه ٿيڻ ڪري هزارين هاري ۽ مزدور پنهنجي خاندانن سميت جاگيردارن جي نجي جيلن
۾ قيد آهن۔ هُنن وڌيڪ چيوته سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي عدالت هڪ هاري جي پٽيشن تي صوبي جي هارين جي حقن بابت سنڌ جي تاريخ ۾ ٽيننسي ايڪٽ بعد هڪ وڏو تاريخي فيصلو ڏنو آهي۔ عدالتي
فيصلي تحت صوبي جي ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کان هارين جا ڪيس ٻڌڻ جا
اختيار واپس وٺي بيگار جي شق کي رد ڪري ٽيننسي ايڪٽ ۾ ترميم ٿيڻ تائين هارين جا ڪيس ٻڌڻ جا
اختيار جوڊيشل مئجسٽريٽن جي حوالي ڪيا آهن۔

هنن چيو ته سنڌ حڪومت طرفان اُن عدالتي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ لکين هارين
سان ناانصافي جو چٽو ثبوت آهي هنن سنڌ حڪومت کان گهر ڪندي چيوته سنڌ حڪومت ان فيصلي
کي چئلينج ڪرڻ بدران فوري طور تي صوبي جي لکين هارين جي رجسٽريشن جو ڪم مڪمل
ڪري. ان دوران هارين جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن، چونڊيل نمائندن سميت سمورن اسٽيڪ
هولڊرز سان گڏجي ڪري سنڌ ٽيننسي ايڪٽ 2013ع ۾ ترميم ڪري ان کي سنڌ اسيمبلي مان پاس
ڪرائي ته جيئن سنڌ جي هارين جي حقن جو تحفظ ٿي سگهي۔

هنن چيو ته سنڌ ٽيننسي ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ کان اڳ هارياڻين بابت به تجويزون وٺي انهن کي به شامل
ڪيو وڃي ته جيئن ٽيننسي ايڪٽ ۾ سنڌ جي هارياڻين جا حق ۽ تحفظ جي ضمانت کي قانوني شڪل
ملي سگهي۔ رپورٽ ۾ پڌرو ڪيل انگن اکرن مطابق سال 2019 دوران سنڌ ۾ 2309 پورهيت نجي جيلن مان
ڪورٽ زريعي آزاد ٿيا جن ۾ 819 ٻار ۽ 743 عورتون شامل آهن۔

سنڌ حڪومت پاران سنڌ بانڊيد ليبر ابالشن ايڪٽ 2015 پاسي ڪيو ويو آهي پر 4 سال گذرڻ باوجود
اڃا تائين سنڌ جي 29 ضلعن مان صرف 7 ضلعن ۾ ڊسٽرڪٽ وجلنس ڪاميٽيون ٺهي سگهيون آهن
جيڪي پڻ جبري پورهئي کي روڪڻ ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ويون آهن۔ جنهن جي
ڪري سنڌ جا هزارين هاري ۽ بٺا مزدور جاگيردارن جي نجي جيلن ۾ رهن ٿا۔ رپورٽ مطابق سنڌ ۾ هارين کي ڪنهن به قسم جو سوشل سيڪيورٽي ناهي ان ڪري سنڌ جي هارين کي سوشل سيڪيورٽي ۾ رجسٽرڊ ڪيو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here