ٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي پاران لاڪ ڊائون باوجود شاگردن کان فيس اوڳاڙي جو فيصلو۔ نوٽيفڪيشن جاري. شاگردن پاران فيس وصولي جو فيصلو رد. فيس وصولي جي فيصلي خلاف شاگردن پاران سوشل ميڊيا تي ڀرپور مهم شروع. فيصلو واپس وٺڻ جي گهر۔
خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي انتظاميه لاڪ ڊائون دوران ڪلاس نه هلڻ باوجود شاگردن کان فيون اوڳاڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي۔ يونيورسٽي انتظاميه انهي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ ان سان لاڳاپيل ڪاليجن جي شاگردن کي 3 آگسٽ 2020 تائين في جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي۔
زرعي يونيورسٽي جي شاگردن يونيورسٽي انتظاميه جو فيس وصولي جو فيصلو رد ڪندي، انتظاميه کي فيس وصولي جو فيصلو فورن واپس وٺڻ جي گهر ڪئي آهي۔ زرعي يونيورسٽي جي فين جي وصولي جي فيصلي خلاف يونيورسٽي جي شاگردن پاران سوشل ميڊيا تي پڻ ڀرپور مهم هلائي پيئي وڃي. شاگردن پاران فيس وصولي خلاف گذريل ڏينهن سماجي رابطي جي پليٽ فارم ٽوئيٽر تي هلايل ٽرينڊ ڪجهه ڪلاڪن ۾ چاليهه هزار ٽوئيٽس سان ٽاپ ٽرينڊس ۾ شامل ٿي ويو۔ يونيورسٽي جي شاگردن کان سواءِ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن پاران به انهي ٽرينڊ جي حمايت ۾ ٽوئيٽ ڪيا ويا۔
انهي حوالي سان يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو زرعي يونيورسٽي سميت مختلف سرڪاري يونيورسٽين جي انتظاميه پاران شاگردن کان فيون وصول ڪرڻ جي فيصلي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته بدقسمتي سان اسان وٽ تعليم کي ڪاروبار بڻايو ويو آهي، جيڪو شرمناڪ عمل آهي۔
هن چيو ته زرعي يونيورسٽي جي اڪثر شاگردن جا والدين پورهيت طبقي سان تعلق رکن ٿا، جيڪي لاڪ ڊائون دوران معاشي طور سخت متاثر ٿيا آهن۔ تنهنڪري انتظاميه في وصولي جو فيصلو فورن واپس وٺي۔ اسلامي جميعت طلبه سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ناظم محسن ڪمال يونيورسٽي انتظاميه جي فيس وصولي جي فيصلي جي مذمت ڪندي چيو ته زرعي يونيورسٽي ۾ نوي سيڪڙو شاگردن جو تعلق غريب خاندانن سان آهي، جن لاءِ عام حالتن ۾ به في ادا ڪرڻ مشڪل هوندو آهي، جڏهن ته موجوده ڪورونا وبا ۽ لاڪ ڊائون دوران وصول ڪرڻ وڏو ظلم آهي۔
زرعي يونيورسٽي جي شاگردن عرفان ڪليري، سهيل احمد، انضمام علي جمالي، مهتاب جوڻيجو، سجاد پنهور، منتظر جمالي، منصور چانڊيو، زين العابدين ڏاهري، مدثر جوڻيجو ۽ ٻين شاگرد جو چوڻ هو ته لاڪ ڊائون واري عرصي دوران شاگردن ڪلاس اٽينڊ ئي نه ڪيا آهن ۽ آن لائين ڪلاسز دوران به هنن پنهنجا ڊوائيس استعمال ڪيا آهن ۽ پنهنجي خرچ تي انٽرنيٽ جا پيڪيج ڪرائي آن لائين ڪلاسز ورتا آهن ته پوءِ سيميسٽر في وصول ڪرڻ جو ڪهڙو جواز آهي. هنن جو چوڻ هو ته زرعي يونيورسٽي سنڌ جي واحد يونيورسٽي آهي، جنهن جا پنهنجا سوين ايڪڙن تي مشتمل زرعي فارم ۽ مختلف ميون جا باغ آهن، جن مان پڻ يونيورسٽي کي آمدني حاصل ٿئي ٿي، تنهنڪري شاگردن کان فيس وصولي جو فيصلو فورن واپس ورتو وڃي. هنن جو اهو پڻ چوڻ هو، ته ملڪ جي ٻين ڪيترين يونيورسٽين پاران پڻ لاڪ ڊائون سبب شاگردن جون فيون معاف ڪيون ويون آهن، تنهنڪري زرعي يونيورسٽي فيس وصولي جو فيصلو فورن واپس وٺي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو۔