ڳوٺ تي وارھ پوليس جي چڙهائي 12 شڪي گرفتار، پوليس چڙهائي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

0
203

لعلورائنڪ رپورٽ: روشن علي مغيري

ڳوٺ ورند ماڇي تي واره پوليس جي چڙهائي 12 شڪي گرفتار، پوليس چڙهائي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج، تفصيل موجب لعلورائنڪ ڀرسان 10 ڏينهن اڳ زمين جي مالڪي تان مغيري ۽ سولنگي برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو هيو جنهن ۾ مغيري برادري جا ٻه ڄڻا سولنگين هٿان فائرنگ جي نتيجي ۾ قتل ٿي ويا هئا ۽ ڪجهه زخمي ٿي پيا هئا جن جي ايف آئي آر 12ڄڻن مٿان داخل ڪئي وئي هئي۔

ان سلسلي ۾ واره پوليس ڀاري نفري ساڻ ڪري ڳوٺ ورند ماڇي تي چڙهائي ڪئي ۽ شڪ موجب 12 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو جن ۾ ﷲ ڏنو فقير، راشد حسين، محمد عرس، عبد الرشيد، مسجد جو پيش امام ﷲ ڏنو ۽ نعمت الله شامل آهن، پوليس جي چڙهائي خلاف ڳوٺاڻن احتجاج پڻ ڪيو۔

ڳوٺاڻن نياز حسين، نثار احمد، فياض حسين ۽ عرض محمد ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته پوليس بي گناھ اسان جي ڳوٺ ورند ماڇي مٿان ڪاه ڪري اسان جا ٻارهن ماڻهو وٺي وئي آهي جڏهن ته اسان جو ان جهيڙي سان ڪو تعلق ناهي اسين بيگناھ آهيون پوليس اسان سان ناجائزي ڪري رهي آهي جن جو مغيرين سان جهيڙو ٿيو آهي اهي ڳوٺ ميان رتو جا آهن انهن سان اسان جو واسطو ناهي. اسين اعلا اختيارين کان مطالبو ٿا ڪيون ته پوليس مان اسان جي ڇڏائي وڃي جيئن اسين سک جو ساهه کڻون۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here