وارھ ۾ شاگردن هٿن ۾ ڪتاب کڻي سموري سنڌ سميت وارھ جا تعليمي ادارا کولڻ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج

0
218

وارھ : مظفر قاضي
وارھ شاھ لطيف ڪالوني جي علي ماڊل اسڪول جي شاگردن محمد بخش ميراسي محسن رضا ميراسي هير ميراسي جو هٿن ۾ ڪتاب کڻي سموري سنڌ سميت وارھ جا تعليمي ادارا کولڻ لاءِ وارھ پريس ڪلب اڳيان احتجاج، کوليو کوليو تعليمي ادارا کوليو بچايو بچايو مستقبل بچايو جا نعرا ، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪرونا وائرس سبب سموري سنڌ جي تعليمي ادارن سميت شادي هال هوٽل تفريح ماڳ ٽرانسپورٽ ۽ ٻيو سڀ ڪجهه بند ڪيو ويو هئو، ڪرونا وائرس ۾ گهٽتائي اچڻ بعد ٻيو سڀ ڪجهه کوليو ويو آهي پر سنڌ سرڪار تعليمي ادارا کولڻ لاءِ تيار ناهي جنهن سبب اسان جو مستقبل تباهه ٿيڻ لڳو آهي، اسين سپريم ڪورٽ پاڪستان، هاءِ ڪورٽ سنڌ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه کي اپيل ٿا ڪريون ته جلد کان جلد تعليم ادارا کولي مستقبل جي معمارن جو مستقبل بچايو وڃي۔

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here